وڏن ۽ اهم ملڪن کي عالمي قانونن،گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري ۾ قيادت ڪرڻ گهرجي: چين جو صدر

بيجنگ-05 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وڏن ۽ اهم ملڪن کي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري هيٺ قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ آئرلينڊ جي وزيراعظم مائيڪل مارٽن سان ملاقات دوران چين جي صدر چيو ته سمورن ملڪن کي ٻين ملڪن جي عوام طرفان پنهنجي ترقي لاءِ پنهنجي مرضي سان چونڊيل رستن جو احترام …

بيجنگ-05 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وڏن ۽ اهم ملڪن کي عالمي قانونن، گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري هيٺ قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ آئرلينڊ جي وزيراعظم مائيڪل مارٽن سان ملاقات دوران چين جي صدر چيو ته سمورن ملڪن کي ٻين ملڪن جي عوام طرفان پنهنجي ترقي لاءِ پنهنجي مرضي سان چونڊيل رستن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانونن سان گڏو گڏ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خاص طور تي وڏن ۽ اهم ملڪن کي ان حوالي سان اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. تبديلين ۽ افراتفري سان ڀريل دنيا ۾ هڪ طرفه قدم ۽ غنڊه گردي عالمي نظام کي تمام گهڻو نقصان پهچائي رهي آهي.

مزید خبریں