واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي نئين سربراهه کي ڌمڪي ڏني آهي ته وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي آمريڪا هٿان گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي نئين سربراهه کي آمريڪا سان سهڪار نه ڪرڻ جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ٻئي پاسي وينزويلا جي عارضي صدر ڊيلسي روڊريگوز آمريڪا سان متوازن ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو مطالبو ڪيو آهي. صدر ٽرمپ وينزويلا ۾ تيل، گيس ۽ ٻين وسيلن تائين پهچ نه …
وينزويلا جي نئين سربراهه کي آمريڪا سان سهڪار نه ڪرڻ جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي: آمريڪي صدر جي ڌمڪي

مزید خبریں
واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي نئين سربراهه کي ڌمڪي ڏني آهي ته وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي آمريڪا هٿان گرفتار ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي نئين سربراهه کي آمريڪا سان سهڪار نه ڪرڻ جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ٻئي پاسي وينزويلا جي عارضي صدر ڊيلسي روڊريگوز آمريڪا سان متوازن ۽ احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو مطالبو ڪيو آهي. صدر ٽرمپ وينزويلا ۾ تيل، گيس ۽ ٻين وسيلن تائين پهچ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ملڪ تي ٻي وڏي حملي جي ڌمڪي به ڏني. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن وينزويلا جي انتظاميا جا باقي اڳواڻ تعاون نه ڪندا ته آمريڪا وينزويلا تي ٻيو فوجي حملو ڪري سگهي ٿو.











