هوانا-05 جنوري(اي پي پي) ڪيوبا چيو آهي ته وينزويلا تي آمريڪي حملي سبب مقرر ڪيوبا جا 32 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن. انهن مان ڪجهه فوجي سڌيءَ ريت ويڙهه ۾ مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيوبا جي صدر ميگوئيل ڊياز ڪينيل آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل انهن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ ٻه ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جاري صدارتي فرمان موجب مارجي ويل ڪيوبا جي سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اڄ کان اڱاري …
وينزويلا ۾ آمريڪي حملي سبب ڪيوبا جا 32 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، ڪيوبا جي صدر پاران ملڪ ۾ ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان

مزید خبریں
هوانا-05 جنوري(اي پي پي) ڪيوبا چيو آهي ته وينزويلا تي آمريڪي حملي سبب مقرر ڪيوبا جا 32 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن. انهن مان ڪجهه فوجي سڌيءَ ريت ويڙهه ۾ مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيوبا جي صدر ميگوئيل ڊياز ڪينيل آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل انهن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ ٻه ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. جاري صدارتي فرمان موجب مارجي ويل ڪيوبا جي سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اڄ کان اڱاري تائين ٻه ڏينهن قومي سوڳ ملهايو ويندو. ان دوران سرڪاري ۽ فوجي عمارتن تي قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. سرڪاري آفيسون بند رهنديون ۽ عوامي تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. ڪيوبا جي صدر چيو ته مارجي ويل اهلڪارن جو تعلق ڪيوبا جي انقلابي هٿيار بند فوج ۽ گهرو وزارت سان هيو ۽ هو وينزويلا جي درخواست تي اتي مقرر ڪيا ويا هيا. صدر چيو ته ڪيوبا جي سيڪيورٽي اهلڪارن مان ڪجهه حملي خلاف مزاحمت ڪندي مارجي ويا ۽ ڪجهه بم ڌماڪن سبب مارجي ويا. هن چيو ته سندن بهادري ڪيوبا جي عوام جي اتحاد ۽ عالمي يڪجهتي لاءِ ڪيوبا جي عزم جي عڪاسي آهي.











