پيانگ يانگ-05 ڊسمبر(اي پي پي) اتر ڪوريا وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اتر ڪوريا وينزويلا ۾ آمريڪا جي جارحاڻين ڪارروائين کي وينزويلا جي خودمختياري، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهي ٿو. پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪا جي تازي فوجي ڪارروائي ان جي غنڊه گردي ۽ وحشياڻي فطرت جي عڪاسي ڪري …
وينزويلا ۾ آمريڪي ڪارروائي عالمي قانونن ۽ خودمختياري جي ڀڇڪڙي آهي: اترڪوريا

مزید خبریں
پيانگ يانگ-05 ڊسمبر(اي پي پي) اتر ڪوريا وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اتر ڪوريا وينزويلا ۾ آمريڪا جي جارحاڻين ڪارروائين کي وينزويلا جي خودمختياري، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهي ٿو. پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪا جي تازي فوجي ڪارروائي ان جي غنڊه گردي ۽ وحشياڻي فطرت جي عڪاسي ڪري ٿي. وزارت سمورن ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو علائقائي استحڪام ۽ عالمي لاڳاپن لاءِ آمريڪي مداخلت جي سنگين نتيجن کي تسليم ڪن ۽ آمريڪا طرفان خودمختياري جي منظم ڀڃڪڙين خلاف احتجاج ۽ مذمت ڪن.











