ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 جنوري تي خوداراديت جو ڏهاڙو ملهائيندا

سرينگر-04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سومر تي يوم خوداراديت ملهائيندا ته جيئن عالمي برادري کي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي ياد ڏياري سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ان ڏينهن کي ملهائڻ جي اپيل ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪئي آهي. اڄوڪي ڏينهن تي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار …

سرينگر-04 ڊسمبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري سومر تي يوم خوداراديت ملهائيندا ته جيئن عالمي برادري کي ڪشميرين سان ڪيل واعدن جي ياد ڏياري سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ان ڏينهن کي ملهائڻ جي اپيل ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪئي آهي. اڄوڪي ڏينهن تي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار ۽ ٻيا مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا ته جيئن دنيا جو ڌيان ڪشميرين کي درپيش ڏکيائين ۽ ناانصافين طرف ڇڪرائي سگهجي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي هڪ تاريخي ٺهراءَ منظور ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارت يا پاڪستان سان ڄمون ڪشمير کي ڳنڍجڻ جو فيصلو آزاد ۽ غيرجانبدار ووٽنگ جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. جڏهن ته ڀارت جي هٺ ڌرمي ٺهراءَ تي عملدرآمد ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي.

مزید خبریں