وزيراعظم محمد شهباز شريف جون تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم ۽ پاڪ فضائيه کي مبارڪون

لاهور -03 جنوري (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف پاڪستان فضائيه پاران مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم ۽ پاڪ فضائيه کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ميزائيل …

لاهور -03 جنوري (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف پاڪستان فضائيه پاران مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي قوم ۽ پاڪ فضائيه کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ميزائيل سسٽم تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي پيشواراڻي مهارت، لگن ۽  پختي عزم جي تعريف ڪندي چيو ته تيمور ويپن سسٽم عيوض ملڪ جو دفاع وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته ڪامياب فلائيٽ ٽيسٽ پاڪستان جي دفاعي صنعت جي فني پختگي، جدت ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو پاڪ فضائيه جي آپريشنل تياري، فني برتري ۽ قومي سلامتي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں