اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 جنوري 2026ع کان چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ ستين پاڪ چين پرڏيهي وزير واري اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت لاءِ بيجنگ روانو ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق نائب وزيراعظم چين جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 2026ع ۾ چين جو دورو ڪندڙ پهريون پرڏيهي اڳواڻ آهي. اهو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ روانو

مزید خبریں
اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 جنوري 2026ع کان چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ ستين پاڪ چين پرڏيهي وزير واري اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي گڏيل صدارت لاءِ بيجنگ روانو ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق نائب وزيراعظم چين جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 2026ع ۾ چين جو دورو ڪندڙ پهريون پرڏيهي اڳواڻ آهي. اهو ڊائلاگ ٻه طرفه سهڪار جي مڪمل دائري ڪار جو جائزو وٺندو. شراڪتدار جي نون شعبن جي نشاندهي ڪندو ۽ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ اڳيان وڌائيندو.











