اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس مقامي طور تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو قومي ايئرو اسپيس ۽ دفاعي صلاحيتن جي ترقي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پريس رليز موجب تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائيل دشمن جي زميني ۽ سامونڊي هدفن کي 600 ڪلوميٽرن جي رينج تي انتهائي درستگي سان …
پاڪستان ايئر فورس پاران مقامي طور تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو

مزید خبریں
اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس مقامي طور تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو قومي ايئرو اسپيس ۽ دفاعي صلاحيتن جي ترقي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي طرفان جاري پريس رليز موجب تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائيل دشمن جي زميني ۽ سامونڊي هدفن کي 600 ڪلوميٽرن جي رينج تي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو روائتي وار هيڊ کڻي وڃڻ جي قابل آهي. جديد ترين نيويگيشن ۽ گائيڊنس سسٽم سان ڀرپور تيمور کي انتهائي گهٽ بلندي تي اڏام لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي، جيڪو ان کي دشمن جي فضائي ۽ ميزائيل دفاعي نظامن کان اثرائتي طور تي بچڻ جي قابل بڻائي ٿو. ان جي درستگي سان حملو ڪرڻ جي صلاحيت پاڪستان ايئر فورس جي روائتي روڪٿام ۽ آپريشنل لچڪ کي نمايان طور تي وڌائي ٿو. جيڪو ملڪ جي مجموعي دفاعي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪامياب فلائيٽ ٽيسٽ پاڪستان جي دفاعي صنعت جي فني پختگي، جدت ۽ پاڻڀرو ٿيڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. لانچ جي موقعي تي هٿياربند فوج جي سينئر آفيسرن سميت سائنسدانن ۽ انجنيئرن پڻ شرڪت ڪئي، جن هن جديد ويپن سسٽم جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو (اين آءِ ايم، ايڇ جي، چيف آف دي ايئر اسٽاف) ان شاندار ڪاميابي تي سائنسدانن، انجنيئرن ۽ پاڪ فضائيه جي پوري ٽيم کي دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش ڪيون. هن ان جي پيشيواراڻي مهارت، لگن ۽ پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائن لاءِ پختي عزم جي تعريف ڪئي. ايئر چيف چيو ته اهڙيون ڪاميابيون قوم جي ٽيڪنالاجيڪل خود ڪفالت حاصل ڪرڻ ۽ بدلجندڙ علائقائي سيڪيورٽي ماحول ۾ معتبر روائتي روڪٿام برقرار رکڻ جي عزم جو ثبوت آهن. تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب ٽيسٽ پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل تياري، ٽيڪنالاجيڪل برتري ۽ قومي سلامتي جي مقصدن جي عڪاسي ڪري ٿي.











