گڏيل قومون -03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران بابت بيانن کي تشدد تي اڪسائڻ برابر قرار ڏنو آهي. ايراني نمائندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ابو ڪردهير عثمان کي موڪليل هڪ خط ۾ چيو آهي، ته آمريڪي صدر جا تازه بيان چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪي گڏيل قومن جي …
ايران خلاف آمريڪي صدر جا بيان تشدد تي اڪسائڻ برابر آهن: ايراني نمائندي جو گڏيل قومن کي خط

مزید خبریں
گڏيل قومون -03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران بابت بيانن کي تشدد تي اڪسائڻ برابر قرار ڏنو آهي. ايراني نمائندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر ابو ڪردهير عثمان کي موڪليل هڪ خط ۾ چيو آهي، ته آمريڪي صدر جا تازه بيان چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي جي دائري ۾ اچن ٿا، اهو خط ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا شايع ڪيو آهي. ايران جي نمائندي امير سعيد ايرواني چيو ته ايران ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن بيانن تي شديد ڳڻتي جو شڪار آهي، خاص طور تي ان تناظر ۾ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي آمريڪي صدر ايران جي ايٽمي پروگرام جي بحالي جي صورت ۾ طاقت جي استعمال جي ڌمڪي ڏني هئي. خط ۾ چيو ويو آهي، ته آمريڪا طرفان ملڪ جي ذاتي معاملن ۾ ڇڪتاڻ کي هٿي ڏيڻ، ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا ان کي پرڏيهي دٻاءَ يا فوجي مداخلت جي جواز طور پيش ڪرڻ ايران جي خودمختياري، سياسي آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي کليل ڀڃڪڙي آهي. ايران جي نمائندي مطالبو ڪيو ته آمريڪي صدر جي انهن بيانن جي مذمت ڪئي وڃي ۽ کيس گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي طور ڏٺو وڃي. واضح رهي ته پهرين جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته جيڪڏهن ايران ۾ پرامن مظاهرو ڪندڙن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته آمريڪا سندن مدد لاءِ تيار آهي.











