انجلينا جولي پاران رفح ڪراسنگ جي مصري حصي جو دورو

راملا -03 جنوري (اي پي پي) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي غزه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رفح ڪراسنگ جي مصري حصي جو دورو ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب انجلينا جولي رفح ڪراسنگ جي دوري دوران هلال احمر جي ميمبرن ۽ انساني امداد کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيورن سان ملاقات ڪئي. اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي پناهگير اداري جي اڳوڻي خاص نمائنده اهو دورو مصر منتقل ٿيل زخمي فلسطينين جي حالت ڏيڻ …

راملا -03 جنوري (اي پي پي) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي غزه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رفح ڪراسنگ جي مصري حصي جو دورو ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب انجلينا جولي رفح ڪراسنگ جي دوري دوران هلال احمر جي ميمبرن ۽ انساني امداد کڻي ويندڙ ٽرڪ ڊرائيورن سان ملاقات ڪئي. اداڪاره ۽ گڏيل قومن جي پناهگير اداري جي اڳوڻي خاص نمائنده اهو دورو مصر منتقل ٿيل زخمي فلسطينين جي حالت ڏيڻ ۽ تباهه ٿيل علائقي ۾ امدادي سامان جي رسد جي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪيو. انجلينا جولي سان گڏ امريڪي پرڏيهي کاتي جو هڪ نمائندو، اتر سينا جو گورنر ۽ مصر جو اميگريشن بابت وزير به موجود هو، جيڪي عالمي انساني امداد جي ڪوششن ۾ حصو وٺڻ ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مصري ۽ آمريڪي قدمن جي حمايت لاءِ آيا هئا.

مزید خبریں