وفاقي ڪابينه وڏي اسپيڪٽرم آڪشن جي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار مسئلن جو شڪار آهي، ان جو بنيادي سبب دستياب اسپيڪٽرم جي شديد کوٽ آهي. وفاقي ڪابينه وڏي اسپيڪٽرم آڪشن جي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فائيو جي سروسز 6 مهينن اندر اسلام آباد سميت صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۾ شروع ڪئي ويندي. قابلِ اعتماد …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار مسئلن جو شڪار آهي، ان جو بنيادي سبب دستياب اسپيڪٽرم جي شديد کوٽ آهي. وفاقي ڪابينه وڏي اسپيڪٽرم آڪشن جي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، فائيو جي سروسز 6 مهينن اندر اسلام آباد سميت صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۾ شروع ڪئي ويندي. قابلِ اعتماد انٽرنيٽ کانسواءِ اڄ جي دنيا ۾ ترقي ناممڪن آهي، پاڪستان هن وقت دنيا جي چوٿين وڏي فري لانسنگ معيشت آهي جڏهن ته آءِ ٽي سيڪٽر ساليانو تقريبن 20 کان 21 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان هن وقت تقريبن 24 ڪروڙ آباديءَ لاءِ موبائل انٽرنيٽ جو پورو نيٽ ورڪ صرف 274 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم تي هلايو پيو وڃي جيڪو ائين آهي جيئن چئن لائنن واري ٽريفڪ کي ٻن لائنن جي روڊ تي هلايو وڃي. هن چيو ته اهوئي بنيادي سبب آهي جنهن سبب انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي، خطي ۾ پاڪستان وٽ اسپيڪٽرم جي دستيابيءَ جي سطح انتهائي گهٽ آهي. تقابلي جائزو ڏيندي هن چيو ته گهٽ آباديءَ باوجود بنگلاديش وٽ تقريبن 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم دستياب آهي. شزه فاطمه خواجه ٻُڌايو ته وفاقي ڪابينه وڏن اسپيڪٽرم آڪشن جي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ٽيلي ڪام آپريٽرز کي تقريبن 600 ميگا هرٽز واڌو اسپيڪٽرم فراهم ڪيو ويندو، هي نيلامي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته ان نيلاميءَ ۾ 7 اسپيڪٽرم يبنڊز شامل هوندا جن مان 5 پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ نيلام ڪيا پيا وڃن. ان واڌ جي نتيجي ۾ نيلاميءَ جي 3 کان 4 مهينن اندر ٿري جي ۽ فور جي سروسز ۾ نمايان بهتري ايندي جڏهن ته فائيو جي سروسز 6 مهينن اندر اسلام آباد سميت صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف تيز انٽرنيٽ نه پر مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪنيڪٽوٽي آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي عالمي ڪنسلٽنٽس سان گڏجي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي هاڻ ڪا عيش عشرت نه پر معاشي ترقي، قومي سلامتي، تعليم، صحت، زراعت ۽ روانگي واپار لاءِ بنيادي انفراسٽرڪچر بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته قابلِ اعتماد انٽرنيٽ کان سواءِ اڄ جي دنيا ۾ ترقي ممڪن ناهي. پاڪستان هن وقت دنيا جي چوٿين وڏي فري لانسنگ معيشت آهي جڏهن ته آءِ ٽي سيڪٽر ساليانو تقريب 20 کان 21 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي. هن وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزارت کي ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ سڌارن جي حمايت جو ڪريڊٽ ڏيندي چيو ته وفاقي ادارن ۽ ڪيترن ئي صوبن ۾ رائيٽ آف وي چارجز جي خاتمي سان لاڳت ۾ گهٽتائي ٿي ۽ فائبر انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ملي. وفاقي وزير اهو به اعلان ڪيو ته ڪابينه موبائل ورچوئل نيٽ ورڪ آپريٽر پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان نون موبائل برانڊز لاءِ بنا نيٽ ورڪ بڻائي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخلا جي راهه هموار ٿي وئي آهي. ان پاليسيءَ تحت ايم وي اين اوز موجوده آپريٽرز سان وڏي مقدار ۾ نيٽ ورڪ صلاحيت خريد ڪري پنهنجي برانڊنگ تحت سروسز فراهم ڪندا، جنهن سان چٽاڀيٽي وڌندي ۽ صارفين لاءِ قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائي ايندي. هن چيو ته ان سان صارفين کي وڌيڪ چونڊ بهتر پيڪيج ۽ بهتر افورڊيبلٽي ملندي. عالمي تجربن موجب ايم وي اين اوز مارڪيٽ جي صحت بهتر بنائيندي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪن ٿا ۽ هڪ وڏي اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي شزه فاطمه خواجه چيو ته پي ٽي اي ضلعي سطح جي آءِ ايس پي لائسنسز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت مقامي ڪيبل آپريٽرز ۽ ننڍيون ڪمپنيون ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ گهٽ سهولت وارن علائقن ۾ قانوني طور انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري سگهنديون. هن چيو ته ان سان فائبرائزيشن کي جمهوري بڻايو ويندو ۽ وڏن شهرن کان ٻاهر  قانوني انٽرنيٽ رسائيءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير پاڪستان جي عالمي انٽرنيٽ ڪنيڪٽوٽي ۾ بهتريءَ تي به روشني وڌي ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان دنيا جي ڊگهي ترين سب ميري ڪيبل سسٽم (ايم ايم ڊبليو 6) جو حصو بڻجي چڪو آهي جڏهن ته وڌيڪ ٻه سمنڊ اندر ڪيبلز هلندڙ سال فعال ٿيڻ جي توقع آهي. هن چيو ته ان قدمن سان محدود روٽس تي گهٽ ڀاڙڻو پوندو ۽ عالمي ڪيبل ڪٽس سبب ٿيندڙ رڪاوٽون گهٽ ٿينديون جيئن ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ بحريه احمر جي خطي ۾ رپورٽ ٿيون. انٽرنيٽ پابندين بابت سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير واضح ڪيو ته ڪنهن به عارضي بندش جو فيصلو آءِ ٽي وزارت جي پاليسيءَ تحت ناهي پر گهرو وزارت جي سيڪيورٽي هدايتن تي ڪيو وڃي ٿو. شزه فاطمه خواجه ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اسپيڪٽرم نيلاميءَ کان پوءِ صارفين 3 کان 4 مهينن اندر انٽرنيٽ جي معيار ۾ واضح بهتري محسوس ڪندا. هن ان سڌارن کي پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ انقلابي قرار ڏنو. هن چيو ته اهي پاليسيون صرف ايندڙ هڪ سال لاءِ ناهن پر ايندڙ ڏهاڪن لاءِ آهن.

مزید خبریں