اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين نيشنل ايگرڪلچرل ريسرچ سينٽر (اين اي آر سي) اسلام آباد ۾ ڪڻڪ ۽ دالين لاءِ قائم ڪيل جديد اسپيڊ بريڊنگ سهولتون ۽ ذهين آءِ او ٽي تي ٻَڌل سمارٽ گلاس هائوس جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪستان جي زرعي تحقيق ۽ ترقيءَ جي شعبي ۾ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان سهولت …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران نيشنل ايگرڪلچرل ريسرچ سينٽر ۾ اسپيڊ بريڊنگ ۽ ذهين آءِ او ٽي تي ٻَڌل سمارٽ گلاس هائوس سهولتن جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين نيشنل ايگرڪلچرل ريسرچ سينٽر (اين اي آر سي) اسلام آباد ۾ ڪڻڪ ۽ دالين لاءِ قائم ڪيل جديد اسپيڊ بريڊنگ سهولتون ۽ ذهين آءِ او ٽي تي ٻَڌل سمارٽ گلاس هائوس جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪستان جي زرعي تحقيق ۽ ترقيءَ جي شعبي ۾ اهم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان سهولت ذريعي فصلن جي بهتري جي نظام کي جديد رُخن سان هموار ڪرڻ ۽ سائنسي جدت ذريعي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڪوششن کي هٿي ملي آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب تقريب دوران وفاقي وزير کي اسپيڊ بريڊنگ ٽيڪنالاجي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، جيڪا خلائي تحقيق جي تصورن سان متاثر هڪ جديد طريقو آهي ۽ ڪنٽرول ٿيل ماحول فراهم ڪري ٻوٽن جي واڌ ويجهه جي وقت کي نمايان حد تائين گهٽ ڪري ٿو. خاص ڪري ايل اي ڊي لائيٽس ذريعي 22 ڪلاڪن تائين روشني، گرمي پد ۽ گهم جي متوازن کي برقرار رکي فصلن جي واڌ ويجهه کي غير معمولي رفتار ڏني وڃي ٿي. ان نظام ذريعي ڪڻڪ صرف 6 کان 8 هفتن ۾ پنهنجو حياتياتي چڪر مڪمل ڪري وٺي ٿي جنهن سان هڪ سال ۾ ڪڻڪ جون 5 کان 6 فصلن تيار ڪري سگهجن ٿيون. ان طريقيڪار ذريعي فصلن جي نَون قسمن جي تياريءَ جو روايتي 14 سال پُراڻو وقفو تقريبن اڌ رهجي وڃي ٿو جنهن سان بهتر قسم بروقت آبادگارن تائين پهچائي سگهجي ٿي. ڪڻڪ لاءِ اسپيڊ بريڊنگ جي اها سهولت فضلاتي علم جا ادارا، اين اي آر سي ۾ پي ايس ڊي پي تحت ڪڻڪ جي پيداوار ۾ بهتريءَ جي منصوبي تحت قائم ڪئي وئي آهي. ڪنٽرول ٿيل گلاس هائوس چيمبرز جديد ايل اي ڊي گرو لائيٽنگ ۽ گرمي پد ۽ گهم جي مؤثر نظام سان تيار هي سهولت خطي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون مثال آهي، ان جي قيام کانپوءِ هاڻ هن وقت تائين 3 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جو نيون لائينون تيزيءَ سان تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي هن وقت فيلڊ ۾ پيداواري آزمائش جي مرحلن مان گذري رهيون آهن، اهي سهولتون قومي ۽ عالمي سطح تي سگهه سازيءَ جو مرڪز بڻجي چڪيون آهن، جتان سوين سائنسدانن بريڊرز ۽ شاگردن کي اسپيڊ بريڊنگ جي تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻين اهم فصلن لاءِ به ان طريقيڪار کي هٿي ڏني پئي وڃي. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو دالين لاءِ قائم ڪيل خصوصي اسپيڊ بريڊنگ سهولتن جو به افتتاح ڪيو جيڪو پي ايس ڊي پي دالين جي منصوبي تحت قائم ڪئي وئي آهي. داليون قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هي سستي پروٽين فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ نائٽروجن فڪسيشن ذريعي مٽيءَ جي زرخيزيءَ ۾ به واڌ ڪن ٿيون، جڏهن ته ڊگهي واڌ ويجهه جي وقفي ۽ موسمي بيمارين جي وڌندڙ دٻاءُ سبب دالين جي پيداوار ۾ واڌ سست رويءَ جو شڪار رهيو آهي. نئين سهولت ڪنٽرول ٿيل گروٿ چيمبرز، ترتيب جي قابل ايل اي ڊي لائيٽنگ ۽ متوازن ماحولياتي حالتن جي ذريعي چڻي جي دال، مسور، مڱ ۽ ماش جهڙيون اهم داليون ساليانو 4 کان 6 فصلن تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. ان سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چڻي جي جديد واڌ ويجهه، لائينن جي تياري، مختلف نسلن جي بهتري ۽ هڪجهڙي ماحول ۾ وڌيڪ درست سينوٽائيپنگ شامل آهن. تقريب دوران پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته ڄاڻايل قدم غذائي تحفظ، موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ، زراعت ۽ آبادگارن جي آمدنيءَ ۾ واڌ بابت قومي ترجيحن سان هم آهنگ آهن. هن چيو ته ڪڻڪ ۽ داليون ٻنهي ۾ واڌ ويجهه جو عمل تيز ڪرڻ سان ملڪي پيداوار ۾ واڌ ۽ آمدني واپار تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ بهتر قسمن جي وقت سر دستيابي ممڪن ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙين جديد سهولتن جو قيام جديد ٻوٽن جي واڌ ويجهه ۾ پاڪستان جي وڌندڙ صلاحيت ۽ جديد تحقيقي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهن. وفاقي وزير نيشنل انسٽيٽيوٽ فار جينومڪس اينڊ ايڊوانسڊ بايو ٽيڪنالاجي ۾ قائم ذهين آءِ او ٽي تي ٻَڌل سمارٽ گلاس هائوس جو به افتتاح ڪيو. 2640 چورس فوٽ تي ٻَڌل هي مڪمل خودڪار تحقيقي سهولت آءِ او ٽي سينسرز، مصنوعي ذهانت، قابل پروگرام ڪنٽرول سسٽمز ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس تي ٻَڌل آهي جيڪو جينومڪس تي ٻَڌل اسپيڊ بريڊنگ، اسٽريس بايولاجي ۽ جديد فينو ٽائيپنگ جي معاونت ڪري ٿي. هي سهولت وڏين فصلن لاءِ مڪمل طور فعال آهي ۽ ڪنٽرول ٿيل ماحول ۾ حقيقي وقت ۾ نگراني ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلن کي ممڪن بڻائي ٿي. هاڻوڪي ڪاميابين ۾ شديد گرمي جي دٻاءُ تحت فصلن جي اسڪريننگ، ڪڻڪ جي نسلن جي تيز تر واڌ ويجهه، ايڪوا پونڪس نظام تحت ڪامياب پوکي ۽ جين ايڊيٽڊ ٻوٽن جي ڪنٽرول ٿيل ماحول ۾ هم آهنگي شامل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ذهين سمارٽ گلاس هائوس مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو ۽ هڪ قومي اثاثو آهي جيڪو جينومڪس، ڊجيٽل زراعت ۽ پائيدار غذائي پيداوار وچ ۾ هڪ مضبوط ربط فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسپيڊ بريڊنگ درست فينو ٽائيپنگ ۽ پاڻمرادو ماحولياتي ڪنٽرول جو ميلاپ، موسمياتي تبديلي، وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ پائيدار زراعت بابت اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ طاقتور پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن ان سهولتن جي قيام ۾ شامل سائنسدانن ۽ محققن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حڪومت طرفان اهڙن قدمن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ قومي ۽ عالمي تحقيقي اداران سان تعاون وڌائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. واضح رهي ته اين اي آر سي ۾ ان جديد تحقيقي سهولتن جو افتتاح ڊيٽا تي ٻَڌل موسمياتي لحاظ کان موزون ۽ وسيلن جي مؤثر استعمال تي ٻَڌل زراعت طرف هڪ انقلابي قدم آهي. واڌ ويجهه جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي تحقيقي درستگي ۾ واڌ ذريعي اهي قدم پاڪستان جي زرعي تحقيقي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ جي ڊگهي مُدي جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.











