پاڪستان جو واپاري خسارو جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 19.20 ارب ڊالر رڪارڊ

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جو واپاري خسارو جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 19.20 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات کاتي پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن موجب مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ واپاري خساري جو ڳاڻيٽو 19.20 ارب ڊالر جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 14.27 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 34.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊسمبر ۾ واپاري خسارو 3.705 ارب …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جو واپاري خسارو جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ 19.20 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات کاتي پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن موجب مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ واپاري خساري جو ڳاڻيٽو 19.20 ارب ڊالر جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 14.27 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 34.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊسمبر ۾ واپاري خسارو 3.705 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ 2.886 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 28.4 سيڪڙو ۽ ڊسمبر 2024ع جي 2.993 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 23.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 15.184 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي دوران 16.63 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 8.7 سيڪڙو گهٽ آهي. ڊسمبر ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.31 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر جي 2.42 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 4.3 سيڪڙو ۽ ڊسمبر 2024ع جي 2.911 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 20.4 سيڪڙو گهٽ آهي. مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ پاڪستان جو درآمدي بل 34.38 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي جي 30.90 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 11.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊسمبر ۾ درآمدات تي 6.022 ارب ڊالرن جو مٽاسٽا جو ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو نومبر جي 5.30 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 13.5 سيڪڙو ۽ ڊسمبر 2024ع جي 5.90 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مزید خبریں