نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. تعزيتي پيغام ۾ اسحاق ڊار چيو ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سينيٽر محمد اسحاق …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. تعزيتي پيغام ۾ اسحاق ڊار چيو ته بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هو عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران  بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام ۽ مرحومه جي گهرڀاتين ۽ حامين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو، بيگم خالده ضياءَ پنهنجي زندگي عوامي خدمت ۽ پنهنجي قوم جي ڀلائي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، مشڪل وقتن ۾ سندس حوصلي ۽ قيادت هڪ پائيدار ورثو ڇڏي وئي آهي، کيس ملڪ ۽ عوام جي خدمت کي قدر جي نگاهه سان ڏسندڙن پاران سدائين احترام سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام بنگلاديش جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، اسان توهان جي ڏک ۾ شريڪ آهيون ۽ دعاڳو آهيون ته توهان کي ان جي خدمتن جي يادن ۽ ان جي ڇڏيل ورثي سان حوصلو ۽ تسلي ملي.

مزید خبریں