اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي لاءِ جامع بزنس پلان جوڙڻ، پگهارن جي وقت سر ۽ مسلسل ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۽ اداري کي درپيش مالي مسئلن جي خاتمي جي تعين جي لاءِ ڪميٽي ميمبر نديم عباس جي ڪنوينرشپ ۾ چار رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي …
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي لاءِ جامع بزنس پلان جوڙڻ، پگهارن جي وقت سر ۽ مسلسل ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۽ اداري کي درپيش مالي مسئلن جي خاتمي جي تعين جي لاءِ ڪميٽي ميمبر نديم عباس جي ڪنوينرشپ ۾ چار رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي بجلي جي بلن جي ذريعي پي ٽي وي لائيسنس فيس جي وصولي جي خاتمي کانپوءِ مالي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ بزنس پلان ۽ متبادل آمدني جا ذريعا پيش نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي جي راءِ هئي ته پي ٽي وي رڳو سرڪاري گرانٽس تي ڀاڙيندي پنهنجا آپريشنل خرچ ۽ ملازمن بابت مالي ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري سگهي. ان صورتحال جو جائزو وٺندي ڪميٽي، ڪميٽي جي ميمبر نديم عباس جي ڪنوينرشپ ۾ چار رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا پي ٽي وي جي لاءِ جامع ڪاروباري پلان جوڙڻ سان گڏوگڏ پگهارن جي باقاعدگي سان ادائيگي جي معاملن تي غور ۽ اداري کي درپيش مالي مشڪلاتن جي خاتمي جو جائزو وٺندي. ذيلي ڪميٽي کي پي ٽي وي اسپورٽس جي مجموعي ڪارڪردگي، ان جي اوڳاڙين جي پورٽ فوليو ۽ پي ٽي وي اسپورٽس جي سربراهه جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو مينڊيٽ پڻ ڏنو ويو آهي. شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني جي موجوده صورتحال بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مقرر ڪيل ليڪويڊيٽر ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت عدالتي ٻڌڻي دوران ڏنل خاطري موجب ٻن مهينن جي اندر ايس آر بي سي جي بحالي جو منصوبو پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته ڪمپني کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هوندو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ڪمپني جي مالي صورتحال جي ڪري رڳو 50 ملازمن کي برقرار رکيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي ٻڌايو ته وزارت اداري جي واجب الادا ذميوارين جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي کي هڪ تجويز موڪلي آهي جيڪا اڃان تائين غور فڪر ۽ فيصلي جي مرحلي ۾ آهي. اطلاعات واري وزارت ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته معاملي جي موثر پيروي ڪئي وڃي ته جيئن ڪمپني جو ڪو به ملازم بيروزگار نه ٿئي. ڪميٽي ڪراچي ۾ تعطل جو شڪار پي ايس ڊي پي منصوبي بابت ڊائريڪٽر جنرل پي بي سي پاران پيش ڪيل عملدرآمد رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي منصوبي جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل پي بي سي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارش تي فني ماهرن، پي بي سي جي انجنيئرز ۽ وزارت جي عملدارن تي ٻڌل هڪ فني ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي ته جيئن هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ڪنٽينرز ۾ پيل اوزارن جي حالت جو جائزو وٺي سگهجي. هن ٻڌايو ته ڄاڻايل ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته لاڳاپيل ٽيڪنالاجي اڃا تائين استعمال جي قابل آهي ۽ اوزار سٺي حالت ۾ آهن جن کي نصب ڪري سگهجي ٿو. هن خاطري ڪرائي ته ان ڏس ۾ اڳڀرائي بابت باقاعده رپورٽس ڪميٽي کي پيش ڪيون وينديون رهنديون. اجلاس ۾قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، رومينه خورشيد عالم، ڪرن حيدر، شاهين، سحر ڪامران، سيد امين الحق، راڻا انصر، مولانا عبدالغفور حيدري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ وزارت جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.











