هلندڙ سال جي سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ سان معاشي استحڪام، سڌارن ۽ ترقيءَ جي اؤسر جي تائيد کي وڌيڪ هٿي ملي آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ويون گروپ جي 2026ع جي پهرين سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، سڌارن ۽ ترقي جي اؤسر جي تائيد کي وڌيڪ هٿي ملي آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ويون گروپ طرفان موبي لنڪ بئنڪ ۾ نئين سيڙپڪاري 2026ع جي پهرين پرڏيهي سڌيءَ ريت سيڙپڪاري آهي ۽ …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ويون گروپ جي 2026ع جي پهرين سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، سڌارن ۽ ترقي جي اؤسر جي تائيد کي وڌيڪ هٿي ملي آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ويون گروپ طرفان موبي لنڪ بئنڪ ۾ نئين سيڙپڪاري 2026ع جي پهرين پرڏيهي سڌيءَ ريت سيڙپڪاري آهي ۽ هي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي بنيادن ۽ سڌارا جاتي سفر تي مضبوط اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن طرفان سيڙپڪاريءَ جو اهو تسلسل ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري رهيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي استحڪام، پاليسي سڌارن ۽ مضبوط ٿيندڙ ريگيوليٽري ماحول کي تسليم ڪيو پيو وڃي. ويون گروپ جو هي فيصلو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته پاڪستان نه صرف معاشي استحڪام حاصل ڪري چڪو آهي پر ان کي پائيدار ۽ سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل اؤسر ۾ تبديل ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته ان سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل بئنڪنگ، اسلامي ماليات ۽ مالي شموليت جهڙا اعليٰ اثر رکندڙ شعبن جي وڌندڙ ڪشش ۽ سگهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي طور هي ڏيتي ليتي ان پيغام کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته پاڪستان استحڪام جي مرحلي کان نڪري ترقيءَ جي دؤر ۾ داخل ٿي رهيو آهي جتي سڌارن ۽ سيڙپڪارن جو بحال ٿيندڙ اعتماد اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي عالمي مارڪيٽن جي لاءِ هڪ واضح اشارو آهي ته پاڪستان ٻيهر هڪ قابلِ اعتماد سڌارن تي ٻَڌل ۽ بلند ترقياتي امڪان رکندڙ سيڙپڪاريءَ جي منزل طرف اُڀري رهيو آهي.

مزید خبریں