ٽيلي ميڊيسن سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي، اسلام آباد ۾ 6 جنوريءَ کان ٽيلي ميڊيسن پراجيڪٽ جي باقائده شروعات ٿيندي. جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سياسي جلسن وانگر هجوم آهي، اسپتالن ۾ هجوم سبب پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر سسٽم جي غير …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيسن سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي، اسلام آباد ۾ 6 جنوريءَ کان ٽيلي ميڊيسن پراجيڪٽ جي باقائده شروعات ٿيندي. جاري پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سياسي جلسن وانگر هجوم آهي، اسپتالن ۾ هجوم سبب پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر سسٽم جي غير موجودگي آهي. هن چيو ته پرائمري هيلٿ سسٽم جو متبادل ٽيلي ميڊيسن سسٽم آهي. ٽيلي ميڊيسن سسٽم وفاقي بنيادي صحت مرڪزن ۾ شروع ڪيو پيو وڃي. ايم او يو تحت صحت ڪهاڻي اداره جاتي ۽ ڊجيٽل صحت سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته وڏن اسپتالن جي 70 سيڪڙو مريضن کي بنيادي صحت مرڪز وڃڻ گهرجي. اسان اسلام آباد جي 6 ۽ ڪراچيءَ جي 4 هنڌن تي ٽيلي ميڊيسن سسٽم لڳائينداسين. مريضن کي آن لائن ڪئميرا تي 3 جنرل فزيشن هڪ ئي وقت ڏسي رهيا هوندا، 6 هنڌن تي 18 ڊاڪٽر آن لائن موجود هوندا. آن لائن دوا جي پرچي جاري ٿيندي. مريضن کي اُتان دوا فراهم ڪئي ويندي. وڏن اسپتالن جو رش گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽرز جو هڪ وڏو انگ خاص ڪري عورت ڊاڪٽر پريڪٽس نٿيون ڪن اهي گهر ويهي مريضن جو علاج ڪنديون. 6 مهينا اڳ اسان اهو خواب ڏٺو هو، هي برسات جو پهريون ڦڙو آهي، 6 جنوريءَ تي پهرين بي ايڇ يو جو افتتاح ڪيو ويندو، ان کان پوءِ هر هفتي هڪ بي ايڇ يو جو افتتاح ٿيندو.

مزید خبریں