سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس، مختلف کاتن سان لاڳاپيل آفيسرن جُون ترقيُون

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف کاتن سان لاڳاپيل آفيسرن جي ترقين بابت ڪيسن جو جائزو ورتو ويو. جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب اجلاس دوران صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو مختلف کاتن جي آفيسرن جي سروس رڪارڊ، ڪارڪردگي رپورٽن ۽ اهلِيَت جي معيار جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪل 270 آفيسرن …

ڪراچي-02 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف کاتن سان لاڳاپيل آفيسرن جي ترقين بابت ڪيسن جو جائزو ورتو ويو. جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب اجلاس دوران صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو مختلف کاتن جي آفيسرن جي سروس رڪارڊ، ڪارڪردگي رپورٽن ۽ اهلِيَت جي معيار جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪل 270 آفيسرن کي اعليٰ گريڊن ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي. گهرو کاتي (پوليس) سان واسطو رکندڙ 43 ڊپٽي سپرنٽنڊنٽس آف پوليس (ڊي ايس پيز) کي سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس پي) گريڊ 18 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. صحت کاتي ۾ 165 ميڊيڪل آفيسرن کي سينيئر ميڊيڪل آفيسر جڏهن ته 23 ڊينٽل آفيسرن کي سينيئر ڊينٽل سرجن جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي 11 پروفيسرن کي گريڊ 19 ۾ ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 19 آفيسرن کي چيف لائبريرين گريڊ 19 جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڊائريڪٽر گريڊ 19 طور ترقي ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي. ان کان علاوه صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جي اجلاس ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جي 6 آفيسرن کي ڊائريڪٽر طور ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريونيو سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں