اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي آئيني طرزِ حڪمراني، اداره جاتي هم آهنگي ۽ عوامي خدمت جي اعليٰ اخلاقي اصولن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته مؤثر ۽ ذميدار حڪمرانيءَ جو بنياد آئين ۽ قانون جي پاسداري ۽ عوامي احترام تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه چيف جسٽس سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ 53هين ڪامن ٽريننگ پروگرام …
اثرائتي ۽ ذميدار حڪمرانيءَ جو بنياد آئين ۽ قانون جي پاسداري ۽ عوامي احترام تي ٻَڌل آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي آئيني طرزِ حڪمراني، اداره جاتي هم آهنگي ۽ عوامي خدمت جي اعليٰ اخلاقي اصولن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته مؤثر ۽ ذميدار حڪمرانيءَ جو بنياد آئين ۽ قانون جي پاسداري ۽ عوامي احترام تي ٻَڌل آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه چيف جسٽس سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ 53هين ڪامن ٽريننگ پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندڙ پروبيشنري آفيسرن جي سپريم ڪورٽ جي دؤري جي موقعي تي منعقد هڪ تعارفي ۽ تربيتي ويهڪ دوران چئي. ان موقعي تي 136 پروبيشنري آفيسرن تي ٻَڌل وفد ڊائريڪٽر جنرل سول سروسز اڪيڊمي فرحان عزيز خواجه جي اڳواڻيءَ ۾ چيف جسٽس سان مليو. اڪيڊمي جا فيڪلٽي ميمبر به وفد سان گڏ هئا. چيف جسٽس پاڪستان جي پارلياماني جمهوري نظام ۽ اختيارن جي ورڇ (ٽرائيڪوٽومي آف پاورز) جي بنيادي مول متن تي روشني وجهندي چيو ته مقننه، انتظاميه ۽ عدليه آئيني حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد ۽ تڪميلي ڪردار ادا ڪن ٿا. اداره جاتي هم آهنگي ۽ سڌارن جي حوالي سان چيف جسٽس نيشنل جوڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته هي فورم انصاف جي شعبي ۾ پاليسي سازي جي اجتماعي فيصلن جو اهم ذريعو آهي. وفد کي آگاهه ڪيو ويو ته آگسٽ 2026ع تائين سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ شمسي توانائيءَ جي نظام، اِي لائبريريون، صاف پاڻيءَ جون سهولتون، عورتن لاءِ خصوصي انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ جو منصوبو آهي جنهن لاءِ ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ سان مالي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ جاري سڌارا جاتي قدمن کان به آگاهه ڪيو جن ۾ اِي فائيلنگ جو نظام، تصديق ٿيل آن لائن نقلن جي جاري ٿيڻ ۽ عوامي سهولت لاءِ ون ونڊو پبلڪ فيسليٽيشن سينٽر جو قيام به شامل آهي، جنهن جو مقصد عدالتي معاملن ۾ شفافيت، رفتار ۽ عوامي سهولتن کي هٿي ڏيڻ آهي. ڏورانهن علائقن جي پنهنجي دؤرن جو حوالو ڏيندي چيف جسٽس صبر، همدردي ۽ عوام سان باوقار رويي جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن کي نصيحت ڪئي ته هو پنهنجي پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ ديانت، انصاف ۽ قانون جي پابنديءَ کي هميشه مٿانهون رکن، ڇاڪاڻ ته جوابده ۽ مؤثر طرزِ حڪمراني جي شروعات عوام ۽ قانون ٻنهي جي احترام سان ٿئي ٿي.











