اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽ هائوس ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ وفدن ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ ڊاڪٽرز، وڪيل، شاگرد، سماجي ورڪرز، سول سوسائٽي جا نمائندا، قبائلي اڳواڻ، مشهور ڪاروباري شخصيتون، واپاري ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت اتحادي پارٽين سان گڏجي ملڪ ۾ ترقي، خوشحالي ۽ سماجي رابطن کي هٿي ڏيڻ …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان مختلف وفدن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان پارليامينٽ هائوس ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ وفدن ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ ڊاڪٽرز، وڪيل، شاگرد، سماجي ورڪرز، سول سوسائٽي جا نمائندا، قبائلي اڳواڻ، مشهور ڪاروباري شخصيتون، واپاري ۽ سيڙپڪار شامل هئا. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت اتحادي پارٽين سان گڏجي ملڪ ۾ ترقي، خوشحالي ۽ سماجي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، هن زور ڀريو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورن ادارن، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون اڻٽر آهي، انهي سهڪاري عمل ذريعي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. سيدال خان چيو ته موجوده حڪومت سمورن اسٽيڪ هولڊرز ۽ ادارن کي گڏ کڻي اڳتي وڌي رهي آهي جنهن جا مثبت اثر عوام عملي طور تي محسوس ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي جن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي هڪ اهم قدم آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستاني عوام خوشحال ٿي ترقي يافته ملڪن جي شهرين وانگر بنيادي سهولتن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻندو.هن چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ترقي لاءِ سول سوسائٽي کي به اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ معاشري ۾ هم آهنگي ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن شاگردن، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ سوشل سيڪٽر جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. شاگرد تعليم حاصل ڪري روزگار جي موقعن مان فائدو کڻن، وڪيل پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪندي معاشرتي سڌارن ۾ ڪردار ادا ڪن جڏهن ته ڊاڪٽر عوامي صحت جي خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائي ملڪ جي بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهن. وفدن سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي قيادت ۽ حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ترقي لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











