اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزه جي پٽيءَ ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪا شديد، سخت ۽ غيرمستحڪم موسمي حالتن بشمول تيز برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڌيڪ سنگين ٿي چڪي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هڪ گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته اها صورتحال …
پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن پاران غزه جي پٽيءَ ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، ترڪيه، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزه جي پٽيءَ ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪا شديد، سخت ۽ غيرمستحڪم موسمي حالتن بشمول تيز برساتن ۽ طوفان جي ڪري وڌيڪ سنگين ٿي چڪي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هڪ گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته اها صورتحال ناڪافي انساني پهچ، ڄاڻي واڻي ضرورت شين جي شديد کوٽ ۽ بنيادي خدمتن جي بحالي ۽ عارضي رهائش قائم ڪرڻ جي لاءِ گهربل لازمي مواد جي سست رفتار پهچ جي ڪري وڌيڪ مُشڪل ٿي وئي آهي. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته شديد موسمي حالتن موجوده انساني حالتن جي نازڪ حيثيت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي خاص طور تي اٽڪل 19 لک ماڻهن ۽ بي گهر خاندانن جي لاءِ جيڪي ناڪافي پناهگاهن ۾ رهي رهيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ سٽيل ڪئمپ، تباهه ٿيل تنبو، اڳ کان متاثر عمارتن جي ڊهڻ ۽ غذائي کوٽ سان گڏ سرديءَ جي موسم جي شدت شهري جانين جي لاءِ خطرن ۾ نمايان اضافو ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ خاص طور تي ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ طبي طور تي ڪمزور ماڻهن جي لاءِ بيمارين جي ڦهلجڻ جو خدشو پڻ شامل آهي. هن گڏيل قومن جي سمورين تنظيمن ۽ ادارن خاص طور تي يو اين آر ڊبليو اي ۽ انساني همدرديءَ تي ٻڌل عالمي غيرسرڪاري تنظيمن جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو جيڪي انتهائي مشڪل ۽ ڏُکين حالتن جي باوجود فلسطيني شهرين جي مدد ۽ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسرائيل ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته گڏيل قومن ۽ عالمي اين جي اوز غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ پائيدار ۽ بنا رڪاوٽ انداز ۾ ڪم ڪري سگهن ڇو ته غزه ۾ انساني امدادي ردعمل ۾ انهن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. پرڏيهي وزيرن چيو ته انهن جي سرگرمين ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪا به ڪوشش ناقابل قبول آهي. هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 ۽ صدر ٽرمپ جي جامع منصوبي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان جي ڪامياب عملدرآمد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن جنگبندي جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي، غزه ۾ جنگ جو خاتمو ٿيو، ڊگهيون انساني مصيبتون برداشت ڪندڙ فلسطيني عوام جي لاءِ باعزت زندگي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ فلسطيني خودمختياري جي حق ۽ رياست جي قيام طرف هڪ معتبر رستو هموار ٿئي. هنن فوري طور تي شروعاتي بحالي جي ڪوششن جي شروعات ۽ توسيع جي ضرورت تي زور ڏنو جن ۾ شديد سردي جي حالتن کان آبادي جي تحفظ جي لاءِ پائيدار ۽ باوقار رهائش جي فراهمي شامل آهي. وزيرن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري پوري ڪري ۽ قابض قوت جي حيثيت سان اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هُو تنبو، رهائشي مواد، طبي امداد، صاف پاڻي، ٻارڻ ۽ صفائي ۽ پاڻي جي نيڪالي جي سهولتن سميت ضروري شين جي پهچ ۽ ورڇ تي لاڳو پابنديون فوري طور تي هٽائي. هنن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن جي ذريعي غزه جي پٽيءَ ۾ فوري، مڪمل ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد فراهم ڪئي وڃي، بنيادي ڍانچي ۽ اسپتالن کي بحال ڪيو وڃي ۽ صدر ٽرمپ جي منصوبي موجب رفح ڪراسنگ کي ٻنهي رخن ۾ کوليو وڃي.











