اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت زراعت جي شعبي ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ سميت آبادگار طبقي جي خوشحالي لاءِ امڪاني وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته زراعت جي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي ڏني وڃي جنهن جو مقصد جديد سائنسي بنيادن تي زرعي پيداوار کي هٿي …
حڪومت زراعت ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ ۽ آبادگار طبقي جي خوشحالي لاءِ امڪاني وسيلا فراهم ڪندي: راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت زراعت جي شعبي ۽ تحقيق کي هٿي ڏيڻ سميت آبادگار طبقي جي خوشحالي لاءِ امڪاني وسيلا فراهم ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته زراعت جي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي ڏني وڃي جنهن جو مقصد جديد سائنسي بنيادن تي زرعي پيداوار کي هٿي ڏيڻ آهي. اهڙو اظهار هن قومي زرعي تحقيقاتي اداري (اين اي آر سي) جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته زراعت قومي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، وفاقي وزير چيو ته ملڪي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب ملڪ جي زرعي پيداوار ۾ واڌارو اڻٽر آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ، آبادگار طبقي جي خوشحالي ۽ زرعي تحقيق کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا امڪاني وسيلا فراهم ڪندي.











