حڪومت ايس ايم ايز جي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر

لاهور-02 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڪلسٽرز کي درپيش مسئلن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. ترجمان موجب هن اجلاس دوران خاص مددگار هارون اختر سميڊا طرفان ايس ايم اي ڪلسٽرز بابت اهم چئلينجز ۽ تجويز ڪيل قدمن تي ٻڌل اڳڀرائي رپورٽ جو جائزو ورتو، هن …

لاهور-02 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز ڪلسٽرز کي درپيش مسئلن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. ترجمان موجب هن اجلاس دوران خاص مددگار هارون اختر سميڊا طرفان ايس ايم اي ڪلسٽرز بابت اهم چئلينجز ۽ تجويز ڪيل قدمن تي ٻڌل اڳڀرائي رپورٽ جو جائزو ورتو، هن وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن موجب مائيڪرو سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائيز جي ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي پختي عزم کي ورجايو. خاص مددگار اعلان ڪيو ته ميڊ ان پاڪستان ايس ايم اي ڪلسٽر شوڪيس 2026ع جي عنوان سان هڪ تاريخي قومي سطح جي ايس ايم اي ڪلسٽر نمائش لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ 24 کان 26 جنوري تي منعقد ٿيندي. هي سميڊا تحت ٿيندڙ پهرين قومي سطح جي ايس ايم اي ڪلسٽر نمائش هوندي. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن ايس ايم اي ڪلسٽرز کي قومي معيشت جو هڪ منظم، چٽاڀيٽي وارو ۽ پائيدار ٿنڀ بڻائڻ آهي. هن ايڪسپو جو بنيادي مقصد سڄي ملڪ جي مائيڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽر پرائيزز لاءِ مارڪيٽ تائين رسائي، ويليو چين ۾ شموليت ۽ روانگي واپار جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. خاص مددگار ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايڪسپو ۾ عورتن جي اڳواڻي هيٺ ڪاروبارن ۽ مائيڪرو انٽر پرائيزز کي خاص اهميت ڏني ويندي، هن چيو ته هي ايونٽ ايس ايم ايز کي ڪارپوريٽ خريدارن، سيڙپڪارن، روانگي واپار ڪندڙن، پاليسي سازن ۽ ترقياتي حصيدارن سان جوڙڻ لاءِ هڪ موثر ۽ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪندو. ٽن ڏينهن واري ايڪسپو ۾ ايگرو فوڊ، ٽيڪسٽائيل، هينڊي ڪرافٽس، سرجيڪل اوزار، چمڙي، فرنيچر ۽ آءِ سي ٽي سميت مختلف اهم شعبن سان لاڳاپيل ماڻهو شرڪت ڪندا. شين جي نمائش سان گڏوگڏ بزنس ميچ ميڪنگ سيشنز، پاليسي ڊائيلاگ ۽ نيٽ ورڪنگ جا موقعا به فراهم ڪيا ويندا. ايس ايم اي شعبي ۾ جدت، معيار ۽ بهترين ڪارڪردگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان ايس ايم ايز کي ايوارڊز به پڻ ڏنا ويندا.

مزید خبریں