نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان بين الوزارتي اجلاس

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان بين الوزارتي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اهم ترجيحي شعبن …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان بين الوزارتي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اهم ترجيحي شعبن ۾ ايران سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، پيٽروليم واري سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں