پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل سدا بهادر حصيداري رکندڙ آهن: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل سدا بهادر حصيداري رکندڙ آهن ۽ پاڪستان ون چائنا پاليسي تي قائم رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي تائيوان بابت تازي اڳڀرائي ۽ تائيوان بابت ميڊيا جي ريمارڪس تي پاڪستان جي موقف بابت پڇڻ تي چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل سدا بهادر حصيداري رکندڙ آهن ۽ پاڪستان ون چائنا پاليسي تي قائم رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي تائيوان بابت تازي اڳڀرائي ۽ تائيوان بابت ميڊيا جي ريمارڪس تي پاڪستان جي موقف بابت پڇڻ تي چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط دوستي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل سدا بهار حصيداري رکن ٿا. هن چيو ته اسان چين جي بنيادي مفادن بابت سمورن معاملن بشمول تائيوان تي چين جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ون چائنا پاليسي تي قائم رهندو ۽ هو تائيوان کي چين جو مضبوط حصو سمجهي ٿو.

مزید خبریں