ايف بي آر جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي، ريڪارڊ ٽيڪس وصولي ، مالياتي سڌارن جي ايجنڊا، بهتر ٽيڪس تعميل ۽ ڊجيٽل سڌارن جي ڪاميابي واضح ثبوت آهن:ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

 اسلام آباد -02 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊسمبر 2025 ع ۾ ريڪارڊ ٽيڪس وصولي تي فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر ) جي فيلڊ فارميشنز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ کي ڪاميابي جو واضح ثبوت قرار ڏنو آهي . انهن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر ٽيم ۽ فيلڊ فارميشنز سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران ڪيو . هن چيو ته گذريل …

 اسلام آباد -02 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊسمبر 2025 ع ۾ ريڪارڊ ٽيڪس وصولي تي فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر ) جي فيلڊ فارميشنز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ کي ڪاميابي جو واضح ثبوت قرار ڏنو آهي . انهن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر ٽيم ۽ فيلڊ فارميشنز سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران ڪيو . هن چيو ته گذريل 18 مهينن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڊسمبر 2025 ع جون وصوليون نهايت حوصلاافزا آهن . هن چيو ته معيشت جي ڊجٽلائيزيشن، روڪ رقم جي ڏيتي ليتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ مضبوط نفاذ قانون جي حڪمت عملي ۽ پائيدار نتيجو ملڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي . ناڻي واري وزير ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ لاءِ  وڌيڪ محنت ڪن . هن چيو ته بهتر ٽيڪس تعميل ۽ موثر لاڳو ئي واحد پائيدار رستو آهي جنهن ذريعي رسمي شعبي تي ٽيڪس جي بار ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي .ناڻي واري وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايف بي آر ٽيم پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت ، محنت ۽ موثر لاڳو ڪرڻ ذريعي ان اهم قومي هدف حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي . ان کان علاوه ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ايف بي آر ڊسمبر 2025ع ۾ 1427.1 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو جيڪو ماهوار هدف 1446 ارب روپين جو 99 سيڪڙو آهي . اهو ڪنهن به سال جي ڊسمبر ۾ هيستائين جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس وصولي آهي جنهن سان بهتر تعميل ۽ موثر لاڳو ڪرڻ جي عڪاسي ٿي رهي آهي . اهڙي طرح ان لينڊ روينيو سروس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 1310 ارب روپين جي هدف جي ڀيٽ ۾ 1308 ارب روپيه وصول ڪيا جيڪي 99.8 ارب روپيه هئا جيڪي ڊسمبر ۾ وڌي 1427.1 ارب روپيا ٿي ويا . انڪم ٽيڪس جي وصولي ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو جيڪو نومبر جي 402 ارب رپين کان وڌي ڊسمبر ۾ 831.5 ارب روپين تائين پهچي وئي ، نومبر جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر دوران انڪم ٽيڪس جي وصولي ۾ 107 سيڪڙو جو اضافو ٿيو . سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو 403.7 ارب روپيا رهي . ۽ اها 403.7 ارب روپيه رهي جڏهن ته فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 6 سيڪڙو جي اضافي سان 72.8 ارب روپين تائين پهچي وئي . ڪسٽمز ڊيوٽي وصولي ۾ به 15 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اها 118.9 ارب روپيه رهي . ايف بي آر بورڊ جي مسلسل نگراني ۽ ناڻي واري وزارت جي سڌارن واري حڪمت عملي مطابق اهو نتيجو مضبوط ٽيڪس تعميل ، بهتر موثر لاڳو ڪرڻ ۽ اداره جاتي احتساب جي واضع اڳڀرائي کي ظاهر ڪري ٿو .

مزید خبریں