سرتاج عزيز پاڪستان جي تحريڪ جو سپاھي ۽ جديد پاڪستان جي معمارن ۾ شامل ھو، سندس خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو: احسن اقبال

اسلام آباد - 02 جنوري(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آھي ته سرتاج عزيز پاڪستان جي تحريڪ جو سپاھي ۽ جديد پاڪستان جي معمارن ۾ شامل ھو، جنھن جي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو. مرحوم سرتاج عزيز جي ورسي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڄ پاڪستان کي سرتاج عزيز جھڙي مدبر، ديانتدار …

اسلام آباد – 02 جنوري(اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آھي ته سرتاج عزيز پاڪستان جي تحريڪ جو سپاھي ۽ جديد پاڪستان جي معمارن ۾ شامل ھو، جنھن جي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو. مرحوم سرتاج عزيز جي ورسي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڄ پاڪستان کي سرتاج عزيز جھڙي مدبر، ديانتدار اڳواڻن جي سخت ضرورت آھي. ھن چيو ته مون کي سرتاج عزيز سان ويجھو ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جتي ھن مون کي ڏکين معاشي حالتن ۾ نھايت ذميواري واري ۽ دانشمنداڻي قيادت فراھم ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سرتاج عزيز معيشت جو ماھر ۽ باوقار سياستدان ھو جنھن نواز شريف جي قيادت ۾ تاريخي اقتصادي سڌارا متعارف ڪرايا جنھن جا ھاڪاري اثر ڊگھي عرصي تائين ملڪي معيشت تي اثر انداز ٿيا. سندس عزم جو اظھار ڪيو ته سرتاج عزيز جي رھيل مشن کي پورو ڪيو ويندو ۽ سندس ويزن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. تقريب جي خطاب ۾ پروفيسر احسن اقبال اھو به اعلان ڪيو ته رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت سرتاج عزيز جي نالي تي ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي شعبي ۾ دنيا جي بھترين يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر شپ جاري ڪندي ته جيئن نوجوانن کي معيشت جي ماھرن طور تيار ڪري سگھجي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھجي. ھن چيو ته سرتاج عزيز جون قومي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھه رھنديون ۽ سندس سوچ ۽ فڪر پاڪستان جي ترقي جي سفر ۾ ھميشه زنده رھندو.

مزید خبریں