تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير جي ترڪيه جي سفير سان ملاقات

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو سان ترڪ سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تعليمي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اعليٰ تعليم، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت سميت مختلف تعليمي شعبن ۾ سهڪاري عمل وڌائڻ جي امڪانن جو …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو سان ترڪ سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تعليمي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اعليٰ تعليم، فني ۽ پيشيوراڻي تربيت سميت مختلف تعليمي شعبن ۾ سهڪاري عمل وڌائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. وزارت مان جاري پريس رليز موجب وجيهه قمر تعليمي وفدن جي مٽاسٽا، صلاحيت ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان، تعليم ۽ مهارتن جي ترقي جي شعبي ۾ ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل قدمن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿي. ترڪيه جي سفير پاڪستان سان تعليمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وظيفن، گڏيل تعليمي پروگرامز ۽ شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا جهڙن قدمن ذريعي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين تعليم جي شعبي ۾ بامعنيٰ ۽ پائيدار حصيداري ذريعي پاڪستان ۽ ترڪيه جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں