پي ٽي ڊي سي پاران مري ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ لڳاتار برفباري کي نظر ۾ رکندي سياحن لاءِ ايڊوائيزري جاري

اسلام آباد- 02جنوري(اي پي پي) پي ٽي ڊي سي مري ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ لڳاتار برفباري کي نظر ۾ رکندي سياحن لاءِ ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آھي. جاري ايڊوائيزري ۾ سياحن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته سياح برفباري وارن جابلو علائقن جو رخ ڪرڻ کان اڳ موسم ۽ ٽريفڪ جي صورتحال معلوم ڪن ۽ سفر دوران مڪمل احتياط ڪن جڏهن ته گاڏين جا فيول ٽينڪ ڀريل رکن ۽ …

اسلام آباد- 02جنوري(اي پي پي) پي ٽي ڊي سي مري ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ لڳاتار برفباري کي نظر ۾ رکندي سياحن لاءِ ايڊوائيزري جاري ڪري ڇڏي آھي. جاري ايڊوائيزري ۾ سياحن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته سياح برفباري وارن جابلو علائقن جو رخ ڪرڻ کان اڳ موسم ۽ ٽريفڪ جي صورتحال معلوم ڪن ۽ سفر دوران مڪمل احتياط ڪن جڏهن ته گاڏين جا فيول ٽينڪ ڀريل رکن ۽ گرم ڪپڙا پڻ پاڻ سان گڏ رکن. ٽريفڪ پوليس چيو ته سياح تيز رفتاري کان پاسو ڪن ۽ جابلو علائقن ۾ موڙن تي گاڏين وچ ۾ مناسب فاصلو برقرار رکن ۽ ڊرائيونگ احتياط سان ڪن. سياحن کان درخواست ڪئي وئي آھي ته اهي ٽريفڪ ۽ انتظاميا سان مڪمل تعاون ڪن ۽ ڪنھن به ڏکئي صورتحال ۾ سياحتي ھيلپ لائن 1422 تي رابطو ڪن.

مزید خبریں