اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاالرحمان نوڪري جو مدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت ۾ سندس اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مذهبي معاملن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ساجد محمود چوهاڻ، بين المذهبي هم آهنگي بابت سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر مرزا علي محسود سميت سينيئر ۽ جونيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن …
مذهبي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاالرحمان رٽائرڊ ٿي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاالرحمان نوڪري جو مدو مڪمل ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت ۾ سندس اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مذهبي معاملن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ساجد محمود چوهاڻ، بين المذهبي هم آهنگي بابت سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر مرزا علي محسود سميت سينيئر ۽ جونيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن بابت سيڪريٽري جي عهدي تان ريٽائر ٿيل ڊاڪٽر سيد عطاالرحمان ساٿي آفيسرن کي پنهنجن تجربن جي روشني ۾ ڪيتريون ئي قيمتي نصحيتون ڪيون ۽ چيو ته حج 2026ع لاءِ حج پانڌيئڙن جي بهترين آگاهي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت ۾ فرض انجام ڏيڻ سعادت جي ڳالهه آهي. ان کان اڳ ساٿي آفيسرن ڪيترن ئي ڪامياب حج آپريشنز، عالمي سيرت النبي ڪانفرنس، قرئت جي عالمي مقابلي جهڙن قدمن تي سيڪريٽري کي خراج تحسين پيش ڪيو.











