پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سال 2025ع دوران بينڪنگ شعبو پهرين نمبر تي رهيو

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ 2025ع دوران بينڪنگ سيڪٽر پهرين نمبر تي رهيو، ان دوران بئنڪنگ سيڪٽر جي آمدني ۾ 103.8 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح سيمينٽ جي شعبي جي آمدني ۾ 88.1 سيڪڙو، فرٽيلائيزر ۾ 68.5 سيڪڙو ۽ ڪيميڪلز جي شعبي جي آمدني ۾ 58.9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ڊيٽا بيس مينيجمينٽ ڪمپني ”ذخيره“ جي انگن اکرن مطابق …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ 2025ع دوران بينڪنگ سيڪٽر پهرين نمبر تي رهيو، ان دوران بئنڪنگ سيڪٽر جي آمدني ۾ 103.8 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح سيمينٽ جي شعبي جي آمدني ۾ 88.1 سيڪڙو، فرٽيلائيزر ۾ 68.5 سيڪڙو ۽ ڪيميڪلز جي شعبي جي آمدني ۾ 58.9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ڊيٽا بيس مينيجمينٽ ڪمپني ”ذخيره“ جي انگن اکرن مطابق گذريل سال دوران ايس اي 100 انڊيڪس جو مجموعي ريٽرن 51.2 سيڪڙو رهيو آهي. رپورٽ مطابق قومي معيشت جي مختلف شعبن ۾ بئنڪاري جي شعبي مان حاصل ٿيل منافعو سڀني کان وڌيڪ رهيو آهي ۽ سال دوران بئنڪنگ سيڪٽر جو مجموعي منافعو 103.8 سيڪڙو تائين وڌي ويو جيڪو اسٽاڪ ايڪسچينج جي مجموعي منافعي جو اٽڪل 45 سيڪڙو بڻجي ٿو. رپورٽ مطابق 2025ع دوران سيمينٽ جي شعبي تي ڪيل سيڙپڪاري منافعي جي شرح 88.1 سيڪڙو رهي، اهڙي طرح ڀاڻ تيار ڪندڙ صنعتن جي شيئرز مان آمدني جي شرح 68.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته پاور سيڪٽر مان 62 سيڪڙو منافعو حاصل ٿيو آهي. اهڙي طرح ڪيميڪلز جي شعبي ۾ ڪيل سيڙپڪاري مان سال دوران سيڙپڪارن کي 58.9 سيڪڙو منافعو حاصل ٿيو آهي. ٻئي پاسي ٽيڪسٽائل ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن مان منافعي جي شرح ترتيبوار 27 ۽ 26.5 سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته فوڊ ۽ آٽو موبائلز جي منافعي ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اهڙي طرح تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ پيداوار جي شعبي جي منافعي جي شرح 16.3 سيڪڙو رهي جڏهن ته دوائن جي تياري، آئل اينڊ گيس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري مان منافعي جي شرح 9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 2026ع جي پهرين ڏينهن ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 2300 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي مارڪيٽ هڪ لک 76 هزار 355.49 پوائنٽس تي بند ٿيو.