اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي خاص هدايتن تي پاڪستان ريلوي راولپنڊي ڊويزن ۾ ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ خلاف هڪ موثر ۽ ڀرپور ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ريلوي ۽ ريلوي پوليس گڏيل قبضي جي خاتمي واري آپريشن ذريعي قيمتي سرڪاري زمين قبضه مافيا کان ڇڏائي ورتي آهي. ريلوي واري ترجمان موجب پهرين جنوري 2026ع …
راولپنڊي ڊويزن ۾ گرينڊ آپريشن، ڪروڙين روپين جي ماليت جي ريلوي جي زمين آجي ڪرائي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي خاص هدايتن تي پاڪستان ريلوي راولپنڊي ڊويزن ۾ ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ خلاف هڪ موثر ۽ ڀرپور ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ريلوي ۽ ريلوي پوليس گڏيل قبضي جي خاتمي واري آپريشن ذريعي قيمتي سرڪاري زمين قبضه مافيا کان ڇڏائي ورتي آهي. ريلوي واري ترجمان موجب پهرين جنوري 2026ع کان قبضن خلاف مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي فيصلي کانپوءِ اڄ جي ڪارروائي دوران ريلوي زمين تي غير قانوني قائم 11 ڪمرشل دڪانن کي مڪمل يا جزوي طور تي ڊاٿو ويو، انساني بنيادن کي نظر ۾ رکندي ڪجهه رهائشي ۽ڪمرشل حصن کي مڪمل طور تي ناهي ڪيرايو ويو. ان ڪامياب آپريشن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 3509 چورس فوٽ قيمتي ريلوي جي زمين آجي ڪرائي وئي آهي جنهن جي ماليت ڪروڙين روپيا بڻجي ٿي.آپريشن جي سڌي ريت نگراني ڊويزنل انجنيئر – I، ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ ۽ ايس پي ريلوي پوليس ڪئي. پاڪستان ريلوي جي انتظاميه پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته قومي اثاثن جي تحَفظ ۽ ريلوي زمين تان مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروايون بنا فرق جي جاري رهنديون ۽ ڪنهن به غير قانوني قبضي کي برداشت نه ڪيو ويندو.











