ايران ۾ مظاهرو ڪندڙن جي مدد لاءِ تيار آهيون: آمريڪي صدر

واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ۾ پرامن مظاهرو ڪندڙن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ جو عمل جاري رهيو ته آمريڪا انهن جي مدد لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ڪنهن به امڪاني قدم لاءِ پوري طرح تيار آهي.  هن …

واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ۾ پرامن مظاهرو ڪندڙن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ جو عمل جاري رهيو ته آمريڪا انهن جي مدد لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا ڪنهن به امڪاني قدم لاءِ پوري طرح تيار آهي.  هن چيو ته جيڪڏهن ايراني حڪومت پرامن مظاهرين تي گوليون هلائي انهن کي تشدد ذريعي قتل ڪري. جيڪو سندس معمول جو ڪم آهي، ته آمريڪا انهن جي مدد لاءِ اڳيان ايندو. اسان ڪنهن به ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان کي ايران جي اندروني صورتحال تي سخت آمريڪي موقف طور ڏٺو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جا خدشا پڻ ظاهر ٿي رهيا آهن جڏهن ته آمريڪي انتظاميه ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا آهن.

مزید خبریں