برن-02 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي تفريحي ماڳ ڪرينز – مونٽانا جي شراب خاني ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ وڏي انگ ۾ پرڏيهي سياح پڻ شامل آهن، ڪيترن ئي زخمين کي علاج لاءِ پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئٽزرلينڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاشن جي سڃاڻپ کي اولين ترجيح ڏئي رهيا آهن …
سوئٽزرلينڊ تفريحي ماڳ تي باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ وڏي انگ ۾ پرڏيهي سياح شامل، زخمي علاج لاءِ پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل

مزید خبریں
برن-02 جنوري (اي پي پي) سوئٽزرلينڊ جي تفريحي ماڳ ڪرينز – مونٽانا جي شراب خاني ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿي ويلن ۾ وڏي انگ ۾ پرڏيهي سياح پڻ شامل آهن، ڪيترن ئي زخمين کي علاج لاءِ پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئٽزرلينڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي لاشن جي سڃاڻپ کي اولين ترجيح ڏئي رهيا آهن ته جيئن سندن وارثن کي ڊگهي انتظار کان بچائي سگهجي. سوئيس پوليس موجب فوت ٿي ويل سمورن ماڻهن جي سڃاڻپ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا. يورپي يونين جي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سوئيس عملدارن سان رابطي ۾ آهن جڏهن ته فرانس جي صدر ايما نويل ميڪرون چيو ته ڪجهه زخمين کي فرانس جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جن کي هتي علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. فرانس جي پرڏيهي وزارت چيو ته زخمين ۾ 9 فرانس جا شهري شامل آهن ۽ 8 اڃان گم آهن. اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني ٻڌايو ته باهه ۾ لڳ ڀڳ 15 اٽلي جا شهري زخمي ٿيا ۽ ايترا ئي گم آهن. شروعاتي معلومات موجب باهه سبب متاثر ٿيل شراب جو دڪان هڪ فرانس جي جوڙي جو هو، جڏهن ته اڃان تائين ان سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. ڪرينز – مونٽانا ويب سائيٽ موجب شراب خاني ۾ 300 ماڻهن کانسواءِ ان جي ڇت تي وڌيڪ 40 ماڻهن جي گنجائش هئي، جڏهن ته باهه جي وڪڙ ۾ آيل ماڻهن جو صحيح انگ اڃان تائين واضح ناهي ۽ پوليس به اهو واضح ناهي ڪيو ته ڪيترا ماڻهو گم آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب شراب خاني ۾ باهه شيمپين جي بوتلن تي لڳايل اسپارڪلرز جي شراب خاني جي ڇت ويجهو کڻي وڃڻ سبب لڳي، ماڻهن فوت ٿي ويلن جي ياد ۾ حادثي واري هنڌ تي گلدستا رکيا ۽ ڏيئا روشن ڪيا. سوئيس عملدارن موجب مقامي اسپتالن ۾ ايمرجنسي يونٽ ڀرجي وڃڻ کانپوءِ ڪيترن ئي زخمين کي سوئٽزرلينڊ ۽ پاڙيسري ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، حادثي ۾ 40 ماڻهو فوت ۽ 115 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا.











