سعودي ولي عهد ۽ قطر جي امير جو رابطو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض- 02 جنوري(اي پي پي)سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ ڀائيراڻا لاڳاپن، انهن کي مضبوط ۽ ترقي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته گذريل …

رياض- 02 جنوري(اي پي پي)سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ ڀائيراڻا لاڳاپن، انهن کي مضبوط ۽ ترقي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف رابطو ڪيو هيو. رابطي ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کان علاوه علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ سميت گڏيل تعاون جي امڪانن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو.

مزید خبریں