اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسيءَ تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 2026ع کان 2033ع تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هارون اختر چيو ته هي پاليسي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان وسيع مشاورت سان ترتيب ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ موبائل فونز، …
هارون اختر جي صدارت هيٺ موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسيءَ تي اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسيءَ تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسي 2026ع کان 2033ع تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هارون اختر چيو ته هي پاليسي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان وسيع مشاورت سان ترتيب ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ موبائل فونز، ليپ ٽاپس ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ ڊوائيسز شامل آهن، جيڪي ان کي هڪ جامع ۽ گهڻ رُخي پاليسي بڻائين ٿيون. هن چيو ته هي پاليسي پاڪستان لاءِ سادي اسمبلنگ سان مڪمل مينيوفيڪچرنگ طرف هڪ اهم ۽ بنيادي تبديليءَ جي علامت آهي ۽ ملڪ ۾ مينيوفيڪچرنگ ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڻٽر آهي. ان موجب پاليسيءَ تحت عالمي برانڊز کي پاڪستان ۾ مينيوفيڪچرنگ لاءِ راغب ڪيو ويندو، جڏهن ته مقامي برانڊز کي به پنهنجي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته فيز وائز مينيوفيڪچرنگ جا واضح هدف ۽ ٽائيم لائنز به مقرر ڪيا ويا آهن. هارون اختر خان وڌيڪ چيو ته اسمبلنگ سان مينيوفيڪچرنگ طرف منتقلي هاڻ دروازي تي آهي ۽ ملڪ جي معاشي ترقيءَ جو سڌو سنئون دارومدار ان تبديليءَ تي آهي. انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي پاليسي هدفن جو 2033ع تائين موبائل فونز ۾ 50 سيڪڙو مقامي طور تي تيار ڪرڻ شامل آهي، جڏهن ته پاليسيءَ تحت 70 سيڪڙو اِي ويسٽ ريڪوري جو هدف به مقرر ڪيو ويو آهي جنهن سان ماحوليات تي هاڪاري اثر پوندا. هن ٻُڌايو ته ان پاليسيءَ تحت 50 هزار هنرمند افرادي سگهه تيار ڪئي ويندي جن ۾ 15 هزار خصوصي مهارت وارا ماهر شامل هوندا ۽ هي موبائل ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيس مينيوفيڪچرنگ پاليسي جلد وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.











