سعيد احمد ميتله وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي مقرر

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبليءَ جي ايڊيشنل سيڪريٽري (انتظامي معاملا) سعيد احمد ميتله کي وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي عهدي تي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سعيد احمد ميتله جو وقتي سيڪريٽري جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سعيد احمد ميتله وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو. سعيد احمد …

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي اسيمبليءَ جي ايڊيشنل سيڪريٽري (انتظامي معاملا) سعيد احمد ميتله کي وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي عهدي تي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سعيد احمد ميتله جو وقتي سيڪريٽري جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب سعيد احمد ميتله وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو. سعيد احمد ميتله وقتي سيڪريٽري قومي اسيمبلي طور پنهنجون ذميداريون سنڀالي ورتيون. واضح رهي ته هي مقرري اڳوڻي سيڪريٽري طاهر حسين جي رٽائرمينٽ کانپوءِ عمل ۾ آندي وئي.