سنڌ جي وڏي وزير سان نئين مقرر ٿيل آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي ملاقات

ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي نئين مقرر ٿيل انسپيڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي) سنڌ جاويد عالم اوڍو سان ملاقات ڪئي ۽ صوبائي پوليس فورس جي چارج سنڀالڻ تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي …

ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي نئين مقرر ٿيل انسپيڪٽر جنرل پوليس (آءِ جي) سنڌ جاويد عالم اوڍو سان ملاقات ڪئي ۽ صوبائي پوليس فورس جي چارج سنڀالڻ تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. وڏي وزير جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر موجب سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان اڄ پهريون جنوري 2026ع تي جاويد عالم اوڍو جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.ترجمان موجب الله بخش المعروف جاويد عالم اوڍو 1994ع ۾ پوليس سروس آف پاڪستان ۾ شامل ٿيو. هو صوبي جي ستن ضلعن ۾ ايس ايس پي/ڊي پي او طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد، ڪراچي جو پرنسپل پڻ رهيو آهي. کيس 2012 ۾ ڊي آءِ جي جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ هن سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، حيدرآباد، ويسٽ ۽ سائوٿ سميت مختلف زونن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. 2021ع ۾ کيس ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (ايڊيشنل آءِ جي)، بي پي ايس-21 ۾ ترقي ملي ۽ هو ٻه ڀيرا ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي طور به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. جاويد اوڍو ٻين صوبن ۾ به مختلف ذميواريون نڀايون آهن ۽ گڏيل قومن جي مشن ڪوسوو ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي. هو هڪ سنجيده ۽ سٺي شهرت رکندڙ آفيسر طور سڃاتو وڃي ٿو. ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس قيادت کي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هي مسئلو سڌي طرح عوام جي اعتماد ۽ شهرين جي تحفظ جي احساس تي اثرانداز ٿئي ٿو. وڏي وزير نئين آءِ جي پوليس کي صوبي ۾ امن امان جي بحالي کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن زور ڀريو ته ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل طاقت سان ۽ بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهڻ گهرجي. سنڌ پوليس جي عوام دوست ساک بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وڏي وزير سروس ڊليوري بهتر بڻائڻ ۽ پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد مضبوط ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن جي هدايت ڪئي. هن پوليس فورس کي جديد بڻائڻ (ماڊرنائيزيشن) واري مشن کي ڀرپور انداز ۾ اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو. مراد علي شاهه سيف سٽي پروجيڪٽ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نگراني جي نظام، ٽيڪنالاجي جي بهتر انضمام ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتري جي اهميت تي زور ڀريو. هن صوبي ۾ منشيات جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ منشيات خلاف جاري ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پوليس فورس جي بهتري لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي پر پوليس کي به عملي ۽ نمايان نتيجا ڏيکارڻا پوندا. هن نئين آءِ جي پوليس تي زور ڀريو ته قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ واضع بهتري يقيني بڻائي وڃي. آءِ جي پوليس جاويد عالم اوڍو وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حڪومت جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ۽ سنڌ ۾ امن امان مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو۔

مزید خبریں