سال 2026ع سنڌ جي ترقي، سھولت ۽ استحڪام جو سال ثابت ٿيندو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سال 2026ع سنڌ جي ترقي، سھولت ۽ استحڪام جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ جاري ۽ نون ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جو ڌيان …

ڪراچي-01 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سال 2026ع سنڌ جي ترقي، سھولت ۽ استحڪام جو سال ثابت ٿيندو، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ جاري ۽ نون ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جو ڌيان عوامي مسئلن جي جٽادار حل، بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ شھري ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ ترقياتي فرق کي گھٽائڻ آھي، سال 2026ع ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تحت روڊن، پُلن، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جا ڪيترائي منصوبا عملي شڪل اختيار ڪندا.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بھتري حڪومت جي پھرين اوليت آھي، شھر ۾ روڊن جي بحالي، پُلن ۽ انڊر پاسز جي اڏاوت، ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ لاءِ نوان روٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جا منصوبا تيزي سان مڪمل ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت جي رٿائن سان شھرين کي سفر ۾ سھولت ملندي ۽ وقت جي بچت ٿيندي. سندس چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائي رھي آھي، ڊبل ڊيڪرز، اي وي بسون ۽ ٻيون بس سروسز، عورتن جي محفوظ سفري سھولتون ۽ ماحُل دوست ٽرانسپورٽ سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جو حصو آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ بھ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، سال 2026ع جي رٿائن ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نيون طبي سھولتون قائم ڪرڻ، عملي ۾ واڌارو حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. ھن چيو تھ پاڻي جي کوٽ، گندي پاڻي جي نيڪال جي مسئلن جي حل لاءِ بھ ڪيترائي منصوبا 2026ع ۾ مڪمل ٿيڻ وڃي رھيا آھن، واھن جي بھتري، ڊرينيج سسٽم جي اپگريڊيشن ۽ ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ جي لاءِ قدم حڪومت جي ڊگھي مدي واري ويزن جو حصو آھي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت، رفتار ۽ معيار کي يقيني بڻائي رھي آھي، اسان چاھيون ٿا تھ عوام کي رڳو واعدا نھ پر عملي نتيجا نظر اچن، 2026ع ۾ سنڌ جا شھري انقلابي تبديلي محسوس ڪن، سنڌ حڪومت عوامي فلاح جي ايجنڊا تي ثابت قدم آھي، ترقي جو ھي سفر ايندڙ ورھين ۾ بھ ڀرپور طريقي سان جاري رھندو.

مزید خبریں