سنڌ جي قديم ماڳ مُوئن جو دڙو تي اسپين جي پرڏيهي سياحن جو وفد نئين سال 2026ع جو جشن ملھائڻ لاءِ پهتو

لاڙڪاڻو/مُوئن جو دڙو(اي پي پي) سنڌ جي قديم ماڳ مُوئن جو دڙو تي اسپين جي پرڏيهي سياحن جو وفد نئين سال 2026ع جو جشن ملھائڻ لاءِ پهتو. اسپين جي وفد ۾ شامل سياح ريسٽ هائوس تي جهمريون هڻي نچندا رهيا. پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا. هوڏانهن پرڏيهي اسپين جي وفد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2026ع نئين سال مُوئن …

لاڙڪاڻو/مُوئن جو دڙو(اي پي پي) سنڌ جي قديم ماڳ مُوئن جو دڙو تي اسپين جي پرڏيهي سياحن جو وفد نئين سال 2026ع جو جشن ملھائڻ لاءِ پهتو. اسپين جي وفد ۾ شامل سياح ريسٽ هائوس تي جهمريون هڻي نچندا رهيا. پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۽ ميوزيم سميت ٻيا قديم آثار گهمي ڏٺا. هوڏانهن پرڏيهي اسپين جي وفد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2026ع نئين سال مُوئن جو دڙو تي ملهائڻ آيا آھيون. هنن چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته پاڪستان وڃي ڪري نئون سال مُوئن جو دڙو تي ملهائينداسين جيڪا خواهش اڄ پوري ٿي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته ماڳ جي ماڻهن طرفان جوڙيل قديم ڊگهين ڀتين ۽ گهٽين جي رٿا بندي ڪمال جي آهي. پنج هزار سال اڳ جي ماڻهن وڏي مهارت سان عظيم تهذيب جو بنياد وڌو جيڪو حيرت کان گهٽ ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته مشاهدي دوران قديم ماڳ جو اوائلي ترقي جو دور حيرت کان گهٽ ناهي. هنن چيو ته قديم دنيا ۾ ٿورا ماڻهو هئا جن وڏي عقلمندي سان تهذيبن جو بنياد رکيو. هنن چيو ته مهذب دور جو مُوئن جو دڙو بهترين مثال آهي. هتان جا اڄ جا ماڻهو محبتي آهن. اسپين ۾ ٻين ماڻهن کي اهڙي معلومات کان ڄاڻ فراهم ڪنداسين. پرڏيهي وفد کي سنڌ سياحت کاتي جي مقامي گائيڊ ارشاد علي سولنگي مُوئن جي دڙي بابت بريفنگ ڏني، مُوئن جو دڙو ڪيوريٽر احسان عباسي پرڏيهي وفد جي آجيان ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.