واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ 2025ع دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ انقلابي نوعيت جي تبديليءَ کي اجاگر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته 2026ع ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو پاڪستاني ڄاون، آمريڪين ۽ پوري آمريڪي قوم کي نئين سال جون واڌايون ڏئي ٿو. هن ان …
پاڪ – آمريڪا لاڳاپا 2026ع ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي: پاڪستاني سفير

مزید خبریں
واشنگٽن-01 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ 2025ع دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ انقلابي نوعيت جي تبديليءَ کي اجاگر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته 2026ع ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو پاڪستاني ڄاون، آمريڪين ۽ پوري آمريڪي قوم کي نئين سال جون واڌايون ڏئي ٿو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. پاڪستاني سفير چيو ته 2025ع پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن لاءِ هڪ انقلابي سال ثابت ٿيو. اسان تقريبن 8 ڏهاڪن تي ٻَڌل ٻه طرفن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي نه صرف ڏٺو پر عملي طور محسوس پڻ ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ جي خاتمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جاري رکندا، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ اهڙن نَون شعبن جي نشاندهي به ڪئي جن ذريعي پُراڻن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڊگهي مُدي جي حصيداريءَ ۾ بدلي سگهجي، جنهن جو بنياد مضبوط اقتصادي رابطن تي هجي. پاڪستاني سفير چيو ته اسان آءِ ٽي، معدني وسيلن، توانائي، مهمان نوازي، سياحت ۽ ٻين شعبن کي گڏيل مفادن تي ٻَڌل تعاون جي نَون موقعن تي سڃاڻپ ڏني، جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لهڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته 2025ع دوران ٻنهي ملڪن جي قيادتن وچ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. سفير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار واپاري لاڳاپن جي ضرورت آهي. پاڪستاني سفير چيو ته جيتوڻيڪ اسان 2025ع ۾ تعاون جي نَون شعبن ۽ موقعن جي ڳولا ڪئي ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي انهن جي ڪاميابين جو جشن ملهائي رهيا آهيون پر هاڻ ضروري آهي ته انهن خيالن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سنجيده غور ويچار ۽ رٿابنديءَ سان ڪئي وڃي.











