خلا بشمول لو ارٿ آربٽ سموري انسانيت جي گڏيل ميراث آهي: پاڪستان

گڏيل قومون-01 جنوري(اي پي پي)پاڪستان خاص ڪري لو ارٿ آربٽ (ايل اي او) ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جوابدهي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدن تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته غير منظم ايل اي او سيٽلائيٽس ڊجيٽل اڻبرابري، غلط معلومات جي پکيڙ، عسڪريت پسندي، خودمختياري کي درپيش خطرن ۽ خلائي ملبي جهڙن سنگين مسئلن کي جنم ڏئي رهيا آهن. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستاني …

گڏيل قومون-01 جنوري(اي پي پي)پاڪستان خاص ڪري لو ارٿ آربٽ (ايل اي او) ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جوابدهي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدن تي زور ڀريندي خبردار ڪيو آهي ته غير منظم ايل اي او سيٽلائيٽس ڊجيٽل اڻبرابري، غلط معلومات جي پکيڙ، عسڪريت پسندي، خودمختياري کي درپيش خطرن ۽ خلائي ملبي جهڙن سنگين مسئلن کي جنم ڏئي رهيا آهن. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي قونصلر ۽ پوليٽيڪل ڪوآرڊينيٽر گل قيصر سرواني سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني اجلاس کي خطاب ڪندي چئي، جيڪو روس جي فيڊريشن جي انتظام هيٺ آريا فارمولي تحت منعقد ٿيو. اجلاس ۾ غير منظم ايل اي او سيٽلائيٽس سبب پيدا ٿيل خطرن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ايل اي او ۾ واپاري سرگرمين جي غير منظم پکيڙ سبب آربيٽل سيٽلائيٽس،اسپيڪٽرم، اسپيس سچويشنل اويئرنيس صلاحيتون ۽ معاشي فائدا ، محدود ملڪن ۽ ادارن تائين گڏ ٿي رهيا آهن، هن خبردار ڪيو ته سڌارن وارن قدم کانسواءِ اسرندڙ ۽ اڀرندڙ خلائي ملڪ ڊگهي مدي واري لڪير تي هليا ويندا. گل قيصر، پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته خلا بشمول لو ارٿ آربٽ سموري انسانيت جي گڏيل ميراث آهي ۽ ان تي ڪنهن ملڪ يا اداري جي هڪ هٽي قابل قبول ناهي.سندس چوڻ هو ته فني يا واپاري غلبو، خصوصي رسائي يا ضابطه جاتي برتري ۾ تبديلي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ميگا ڪانسٽيليشنز ۾ تيزي سان اضافي سبب خلائي گنجائش ۾ هجوم، سپيڪٽرم لاءِ چٽاڀيٽي ۽ خلائي ملبي جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو مستقبل ۾ ايل اي او جي پائيدار استعمال ۽ نون ملڪن جي منصفاڻي پهچ لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته واپاري ايل اي او نظامن جو فوجي ۽ انٽيليجنس مقصدن ۾ وڌندڙ استعمال شهري ۽ عسڪري حدن کي اڻ چٽو ڪري رهيو آهي جنهن سان غلط فهمي، ڇڪتاڻ ۽ غير اردي طور تڪرار جا امڪان وڌي سگهن ٿا.هن واضح ڪيو ته عالمي قانون تحت خلا ۾ ٿيندڙ سمورين قومي سرگرمين جي ذميواري رياستن تي لاڳو ٿئي ٿي چاهي اهي سرگرميون نجي ادارن ذريعي ئي ڇو نه ٿيون هجن. گل قيصر سرواني چيو ته ايل اي او بابت خطرن کي خلائي سلامتي جي وسيع روشني کان ڌار نٿو ڏسي سگهجي جن ۾ خلا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ، اينٽي سيٽلائيٽ صلاحيتن جي ترقي ۽ خلائي اثاثن جو ايٽمي، سائبر ۽ روايتي فوجي حڪمت عملين ۾ ضم ٿيڻ شامل آهي جيڪو مجموعي طور تي عالمي اسٽريٽجڪ استحڪام کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته ايل اي او نظامن جو غلط معلومات پکيڙڻ، سماجي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ يا داخلي معلومات ۾ مداخلت لاءِ استعمال خودمختياري ۽ عدم مداخلت جي اصولن جي ابتڙ آهي جڏهن ته موجوده عالمي نظام انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻپورو آهي. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته پاڪستان رضاڪار اڻي ضابطن ۽ شفافيت جي قدمن جي حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته هي جامع ۽ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدن جو متبادل نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته اڀرندڙ خلائي چئلينجن خاص ڪري ايل اي او جي پکيڙ سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن وچ ۾ موجوده فني ۽ ضابطاجاتي خال کي وڌيڪ وسيع نه ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں