نيويارڪ - 01 جنوري (اي پي پي) آمريڪي شھر نيويارڪ جي نئين چونڊيل پھرين مسلمان ميئر ظھران ممداني پنهنجي عھدي جو حلف کڻي ورتو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق 34 ورھين جي ظھران ممداني پھرين جنوري 2026ع تي حلف کڻي آمريڪا جي سڀ کان وڏي شھر جي قيادت سنڀالي ورتي. ھن کان نيويارڪ جي اٽارني جنرل، ليٽياجيمز سندس عھدي جو حلف کڻايو. تقريب ۾ سندس گھرواري، سندس والده ۽ والد محمود …
آمريڪي شھر نيويارڪ جي پھرين مسلمان ميئر ظھران ممداني حلف کڻي ورتو

مزید خبریں
نيويارڪ – 01 جنوري (اي پي پي) آمريڪي شھر نيويارڪ جي نئين چونڊيل پھرين مسلمان ميئر ظھران ممداني پنهنجي عھدي جو حلف کڻي ورتو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق 34 ورھين جي ظھران ممداني پھرين جنوري 2026ع تي حلف کڻي آمريڪا جي سڀ کان وڏي شھر جي قيادت سنڀالي ورتي. ھن کان نيويارڪ جي اٽارني جنرل، ليٽياجيمز سندس عھدي جو حلف کڻايو. تقريب ۾ سندس گھرواري، سندس والده ۽ والد محمود ممداني کان علاوه ڪٽنب جي ٻين ماڻھن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نيويارڪ جي ريٽائرڊ ٿيل ميئر ايرڪ انڊمز به شرڪت ڪئي. ظھران ممداني قرآن پاڪ تي حلف کنيو ۽ ھو ائين ڪندڙ نيويارڪ جو پھرين ميئر بڻجي ويو آهي. ظھران ممداني حلف کڻڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اھو واقعي ھن جي زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز آھي. ظھران ممداني رواني سان گڏ اردو ٻولي به ڳالھائيندو آھي. يوگنڊا ۾ پيدا ٿيل 34 ورھين جو ظھران ممداني نيويارڪ سٽي جو گھٽ عمر وارو ميئر آھي. ظھران ممداني پنھنجي چونڊ مھم دوران عوام جي معاشي مشڪلاتن کي مرڪزي حيثيت ڏني. ان جي چونڊ وارن وعدن ۾ مفت بس سروس، يونيورسل چائلڊ ڪيئر، شھر جي انتظام ھيٺ گروسري اسٽورز، ڪرايه ڪنٽرول ھائوسنگ ۾ توسيع ۽ 2030ع تائين گھٽ ۾ گھٽ اجورو 30 ڊالر في ڪلاڪ تائين وڌائڻ شامل آھي.











