ايس ايس پي لاڙڪاڻو سوشل ميڊيا تي پوليس اهلڪار جي فائرنگ واري وڊيو جو سختي سان نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، اهلڪار گرفتار

لاڙڪاڻو - 01 جنوري(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو سوشل ميڊيا تي پوليس اهلڪار جي فائرنگ واري وڊيو جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. تفصيل مطابق سوشل ميڊيا تي پوليس اھلڪار جي گردش ڪندڙ وڊيو جنهن ۾ هو فائرنگ ڪري رهيو آهي، واري معاملي تي  ايس ايس پي احمد چوڌري سخت نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. حيدري ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار عرض محمد کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، …

لاڙڪاڻو – 01 جنوري(اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو سوشل ميڊيا تي پوليس اهلڪار جي فائرنگ واري وڊيو جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. تفصيل مطابق سوشل ميڊيا تي پوليس اھلڪار جي گردش ڪندڙ وڊيو جنهن ۾ هو فائرنگ ڪري رهيو آهي، واري معاملي تي  ايس ايس پي احمد چوڌري سخت نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. حيدري ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار عرض محمد کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، چاھي اهو عام شهري هجي، ملزم ھجي يا پوليس جو آفيسر يا اهلڪار، ان لاءِ انصاف جون گهرجون پوري ڪيون وينديون ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن.