بشڪيڪ - 01 جنوري(اي پي پي) ڪرغزستان چوٿون ڀيرو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي ڪرغزستان جي صدر هڪ بيان ۾ چيو ته پنهنجي چيئرمين شپ دوران ڪرغزستان تنظيم جي مالياتي نظام کي تيار ڪرڻ ۽ ان جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيندو. هن چيو ته سندس طرفان تنظيم جي صدارت ايس سي او جا 25 …
ڪرغزستان چوٿون ڀيرو شنگهائي سهڪار تنظيم جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي

مزید خبریں
بشڪيڪ – 01 جنوري(اي پي پي) ڪرغزستان چوٿون ڀيرو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان موقعي تي ڪرغزستان جي صدر هڪ بيان ۾ چيو ته پنهنجي چيئرمين شپ دوران ڪرغزستان تنظيم جي مالياتي نظام کي تيار ڪرڻ ۽ ان جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيندو. هن چيو ته سندس طرفان تنظيم جي صدارت ايس سي او جا 25 سال ”گڏجي پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن“ جي عنوان سان ڪئي ويندي ۽ سندس ترجيح اقتصادي سهڪار جي صلاحيت حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ سيڙپڪاري فنڊ ۽ علائقائي اقتصادي جي ضم ٿيڻ جي قدمن تي هوندي. هن چيو ته ايس سي او جي ميمبر ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي خطرن ۽ چئلينجن جي مقابلي لاءِ به قدم کنيا ويندا جن ۾ دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو خاص طور تي ذڪر جوڳا آهن.











