ڪيف -01 جنوري (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ، روس سان امن معاهدي کان رڳو 10 سيڪڙو پري آهي پر هن خبردار ڪيو ته سڀ کان اهم مسئلا اڃان حل طلب آهن ۽ ڪو به معاهدو روس سان انعام طور نه ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن نئين سال جي موقعي تي پنهنجي ٽيليگرام اڪائونٽ تي قوم کي ڪيل پنهنجي خطاب دوران چيو ته …
روس سان امن معاهدي کان 10 سيڪڙ پري آهيون: يوڪرين جي صدر پاران نئين سال جي موقعي تي عوام کي خطاب

مزید خبریں
ڪيف -01 جنوري (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ، روس سان امن معاهدي کان رڳو 10 سيڪڙو پري آهي پر هن خبردار ڪيو ته سڀ کان اهم مسئلا اڃان حل طلب آهن ۽ ڪو به معاهدو روس سان انعام طور نه ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن نئين سال جي موقعي تي پنهنجي ٽيليگرام اڪائونٽ تي قوم کي ڪيل پنهنجي خطاب دوران چيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي جا خواهشمند آهيون پر هر قيمت تي نه ۽ اهو ته ڪنهن به معاهدي ۾ روس کي يوڪرين تي حملي کان روڪڻ جي مضبوط سيڪيورٽي ضمانت هجڻ گهرجي. يوڪرين صدر چيو ته امن معاهدو 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، ان تي رڳو 10 سيڪڙو ڪم باقي آهي پر ڪجهه انگن جو فرق ناهي . هن وڌيڪ چيو ته اهو 10 سيڪڙو امن جي تقدير ، يوڪرين جي مستقبل ۽ سڄي يورپ جي تحفظ جو فيصلو ڪندو.آمريڪا روس ۽ يوڪرين جي مشوري سان هڪ امن معاهدو طئي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ، پر جنگ بعد علائقائي معاملن تي اڃان تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي . روس جي صدر ولاديمير پيوٽن معاهدي جي حصي طور يوڪرين جي اوڀرندي علائقي ڊونباس تي مڪمل ڪنٽرول جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر يوڪرين جي صدر پنهنجي خطاب ۾ روس جي صدر جي مطالبي کي رد ڪندي چيو ته کيس يقين ناهي ته جيڪڏهن يوڪرين پوئتي هٽي به وڃي ته روس صرف ڊونباس تائين محدود رهندو. هن چيو ته ڊونباس تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو اصل ۾ هڪ ڌوڪوآهي . يوڪرين جي صدر چيو ته اهو ڌوڪو روس جي ٻولي، يوڪريني ، انگريزي، جرمن، فرانسيسي يا دنيا جي ڪنهن به ٻولي ۾ هڪ جهڙي طور ڌوڪو ئي رهندو آهي.











