روس جي ڪنٽرول  هيٺ علائقي کيرسون ۾ نئين سال جي تقريب دوران  يوڪرين جو ڊرون حملو، 24 ڄڻا اجل جو شڪار، 50 زخمي

ماسڪو-01 جنوري (اي پي پي)روس جي قبضي واري علائقي کيرسون ۾ نئين سال جي تقريب دوران  يوڪرين جي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب کيرسون جي گورنر ولاديميرسالڊو ٽيليگرام تي  جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات دشمن هڪ اهڙي جاءِ تي حملو ڪيو جتي شهري نئين سال جو جشن ملهائي …

ماسڪو-01 جنوري (اي پي پي)روس جي قبضي واري علائقي کيرسون ۾ نئين سال جي تقريب دوران  يوڪرين جي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب کيرسون جي گورنر ولاديميرسالڊو ٽيليگرام تي  جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات دشمن هڪ اهڙي جاءِ تي حملو ڪيو جتي شهري نئين سال جو جشن ملهائي رهيا هئا. ٽن ڊرونز ذريعي ڪاري سمنڊ ڪناري تي واقع هڪ ڪيفي ۽ هوٽل کي حملي جو نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ 24 مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زنده سڙي ويا. مارجي ويلن ۾ هڪ ٻار به شامل آهي.

مزید خبریں