ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کانپوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات ڪئي وئي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 31 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کانپوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات ڪئي وئي آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان واعدو ڪيو ھو ته ڊسمبر 2025 ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪرراچي جي روڊن تي ھونديون ۽ اڄ اِھو واعدو پورو ٿي ويو آھي. ھُن سڄي پاڪستان …

ڪراچي- 31 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي عوام لاءِ 65 سالن کانپوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات ڪئي وئي آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان واعدو ڪيو ھو ته ڊسمبر 2025 ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ڪرراچي جي روڊن تي ھونديون ۽ اڄ اِھو واعدو پورو ٿي ويو آھي. ھُن سڄي پاڪستان کي نئين سال جي مبارڪ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته نئين سال ۾ ٽرانسپورٽ جون وڌ کان وڌ سھولتون سڄي سنڌ جي عوام کي فراھم ڪيون وڃن. ڪراچي کان اھڙي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آھي. اهڙو اظهار هن مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ھن ٻڌايو ته ڊبل ڊيڪر بسن جي تجرباتي سروس شروع ڪئي وئي آھي ۽ جلد عوام باضابطا طور انھن بسن ۾ سفر ڪري سگھندو. سنڌ وڏي وزير جي ھدايت تي حڪومت جو ھدف آھي ته 2026ع ۾ ڪراچي جي وڌ کان وڌ روڊن تي ڊبل ڊيڪر بسون ھلايون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اِي وي بسن جا نوان روٽس ايندڙ ھفتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي ھدايتن مطابق ٽرانسپورٽ کي عوام جي بنيادي ضرورت سمجھندي اھڙا منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن سان عام ماڻھو کي حقيقي لاڀ پھچي. ايئرڪنڊيشنڊ بسون، گھٽ ڀاڙي واريون سروسز ۽ ھر مسافر لاءِ ڀاڙي ۾ سبسڊي فراھم ڪرڻ جو مقصد اِھو ئي آھي ته عوام کي سھولتون ڏئي سگھجن. ھن چيو تھ ھن وقت پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک ماڻھو سفر ڪري رھيا آھن، جڏھن ته اوريننج لائينن ۽ گرين لائين بي آر ٽي مان اٽڪل 75 ھزار مسافر فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. انھن سروسز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان روزانو ھڪ لک تائين ماڻھن کي فائدو پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته مختلف روٽس تي روزانو جي بنياد تي سھولتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو ھدف آھي ته سنڌ جي ھر ضلعي ۽ ھر وڏي روڊ تي بس سروس متعارف ڪرائي وڃي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھُن چيو ته مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ڪراچي جي ميئر سان گڏجي ڪراچي لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رھيو آھي. سنڌ ڪابينا ڪراچي جي صنعتي علائقن جي رستن لاءِ 9 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي آھي. شاھراهه ڀٽو، لنڪ روڊ، ريڊ لائين بي آر ٽي، ييلو لائين بي آر ٽي سميت ڪيترائي ميگا پروجيٽڪس مارچ 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ وارا آھن. روڊن جي بھتري ھڪ وڏو چئلينج آھي، تنھن ھوندي به سنڌ جي وڏي وزير جي خاص ڌيان سان ان تي تيزيءَ سان ڪم جاري آھي. تقريب ۾ ڪراچي جي ڊپٽي ميئر سلمان مراد ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفيٰ عبدالله بلوچ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪنول نظام ڀٽو، پيپلز بس سروس جو سي اي او صھيب شفيق، آپريشنل مينيجر عبدالشڪور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود ھئا.