ڪراچي- 31 ڊسمبر (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت فشريز کاتي جي هلندڙ ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مڇي جو ٻج تيار ڪندڙ سڀني رٿائن جو ڪم سنڌ جي عوام کي سٺو ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي ۽ سنڌ فشريز ميرين ۽ ڪوسٽل ڊپارٽمينٽ …
سنڌ حڪومت فشريز کاتي جي هلندڙ ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي
ڪراچي- 31 ڊسمبر (اي پي پي) لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت فشريز کاتي جي هلندڙ ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مڇي جو ٻج تيار ڪندڙ سڀني رٿائن جو ڪم سنڌ جي عوام کي سٺو ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي ۽ سنڌ فشريز ميرين ۽ ڪوسٽل ڊپارٽمينٽ جي هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته مڇي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل جيڪو به ماڻهو آهي، ان کي ٻج سميت اهي سڀئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي سنڌ حڪومت انهن لاءِ تجويز ڪيون آهن يا انهن لاءِ تيار ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو پئسو سنڌ جي عوام جي امانت آهي ۽ اهو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي عوام خاص ڪري مڇي جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن جي معاشي حالت بهتر کان بهتر ٿي سگهي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪن ۽ انهن ترقياتي رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪن. ان موقعي تي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايم ڊي ڪراچي فشريز هاربر زاھد کيمٽيو، ڊي جي سنڌ فشريز ميرين ۽ ڪوسٽل ڊاڪٽر عاصم حسين، نيسپاڪ، ورڪس اينڊ سروسز سميت ٻين ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.











