سکر ۾ جلد اي – چالان سسٽم جو آغاز ڪيو ويندو، جديد ٽريفڪ سگنلز جي تنصيب به عمل ۾ آندي ويندي: سکر جو ميئر

سکر- 31 ڊسمبر (اي پي پي) سکر شهر ۾ امن امان جي قيام، ڏوهن جي روڪٿام ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سکر سيف سٽي پروجيڪٽ تحت سکر ميونسپل ڪارپوريشن (ايس ايم سي) جي حدن اندر 160 جديد سرويليئنس ڪئميرائون لڳائڻ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي. ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام …

سکر- 31 ڊسمبر (اي پي پي) سکر شهر ۾ امن امان جي قيام، ڏوهن جي روڪٿام ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سکر سيف سٽي پروجيڪٽ تحت سکر ميونسپل ڪارپوريشن (ايس ايم سي) جي حدن اندر 160 جديد سرويليئنس ڪئميرائون لڳائڻ جو باقاعده آغاز ڪيو ويو آهي. ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل سان گڏ رکيو. ان موقعي تي ميئر چيو ته هي منصوبو شهر کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪندي ڏوهن جي سڌي ريت نگراني، ٽريفڪ جي نظم ۽ ضبط ۽ هنگامي حالتن ۾ فوري رسپانس کي يقيني بڻائيندو ۽ سکر کي محفوظ، پرامن ۽ سمارٽ سٽي بڻائڻ ڏانهن هڪ تاريخي اڳڀرائي ثابت ٿيندو. ايس ايس پي سکر ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 8 کان 12 ميگا پڪسل جون هاءِ ريزوليشن سرويليئنس ڪئميرائون شهر جي حساس، مصروف ۽ اهم هنڌن تي نصب ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ايس ايس پي آفيس ۾ هڪ جديد ڪنٽرول روم قائم ڪيو پيو وڃي، جتان سڀني ڪئميرائن جي سڌي ريت مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگهندي. ان کان علاوه شهرين جي فوري مدد ۽ ايمرجنسي حالتن ۾ رسپانس لاءِ هڪ فوري ايڪشن فورس پڻ جوڙي ويندي، جيڪا 15 سميت ٻين هنگامي حالتن ۾ فوري طور تي متحرڪ ٿيندي. ميئر وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي طرز تي سکر ۾ به جلد اي ۔ چالان سسٽم جو آغاز ڪيو ويندو ۽ ايندڙ مرحلي ۾ جديد ٽريفڪ سگنلز جي تنصيب به عمل ۾ آندي ويندي، جنهن سان شهرين کي منظم، محفوظ ۽ آسان سفري سهولتون فراهم ٿينديون. ان موقعي تي ميئر سکر ۽ ايس ايس پي شهرين کي اپيل ڪئي ته هو سکر کي پنهنجو شهر سمجهي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪن، ته جيئن ڏوهن جي خاتمي، ٽريفڪ جي بهتري ۽ شهري تحفظ جي هن جامع نظام کي ڪامياب بڻائي سگھجي.